HYMSA

HYMSA Haji Yar Muhammad Saddar Academy (HYMSA is working in Hala Old, Sindh, Pakistan. Working for education..

حاجي يار محمد صدر اڪيڊمي ھالا پراڻا پاران سنڌ جي  نامياري شاعر سوز هالائي جي سرجيل حمديہ نعتيہ منقبتيہ شاعري جو مجموعو "...
05/12/2025

حاجي يار محمد صدر اڪيڊمي ھالا پراڻا پاران سنڌ جي نامياري شاعر سوز هالائي جي سرجيل حمديہ نعتيہ منقبتيہ شاعري جو مجموعو "سڀ ۾ پنهون پاڻ" جي مهورتي تقريب سوز هالائي جي 88 جنم ڏڻ 5 ڊسمبر بروز جمع تي حيمص اڪيڊمي ۾ ڪئي وئي. مهورتي تقريب جي صدارت ناليواري اديب قاضي خادم ڪئي ان سان گڏ نصير مرزا نياز پنوهر موهن مدهوش جاويد سوز مخدوم حسام الدين ڀٽي ايڊووڪيٽ قربان علي ڀٽو ۽ ٻيا دوست شامل هئا.
تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت حافظ وليﷲ اسامہ صدر ماڻي. نوجوان اديب ۽ مٺڙي آواز جي مالڪ آخوند محمد عباس سوز هالائي جي نئين نعت پنهنجي ڪمپوزنگ ۾ سامعين اڳيان پيش ڪئي. قاضي خادم نياز پنوهر نصير مرزا جاويد سوز موهن مدهوش مختصر ڳالهين ۾ سوز هالائي جي ڪم کي ساراهيو ۽ هن ديار جو اهم شاعر قرار پڻ ڏنو. سوز هالائي جي 88 جنم ڏڻ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. مهورتي تقريب ۾ ميان منصور احمد ڀٽي ڊاڪٽر عطاءُﷲ صدر امتياز سوز مخدوم آفتاب ڪوثر هالائي مولوي حاجي احمد سنائي عبيد صدر علي بخش حيدري پروفيسر محمد شارق قريشي حافظ صبغت تنوير سوز هالائي رضا محمد ميمن طارق احمد سنائي ممتاز علي دايو محمد عارف ميمڻ حافظ احمد انڍڙ غلام علي ميمڻ احمد صدر آڪاش آسواني عبدالرحيم ميمڻ نوجوان شاعر غضنفر علي اسدﷲ ميمڻ حيدر علي ميمڻ ۽ ٻين مڪتب فڪرن جي فردن پڻ شرڪت ڪئي. پروگرام جي ڪارروائي امان صدر هلائي.

"اسين اڪثر رڳو پنهنجن ڪمرن ۽ گهرن کي ٿڌو ۽ صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون،پر ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته اسانجو پاڙو، اسانجي گ...
14/06/2025

"اسين اڪثر رڳو پنهنجن ڪمرن ۽ گهرن کي ٿڌو ۽ صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون،
پر ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته اسانجو پاڙو، اسانجي گلي، اسانجا رستا، اسانجو ڳوٺ ۽ اسانجو شهر ڪيئن ٿڌو، صاف ۽ صحت بخش ٿي سگهي ٿو؟
جيڪڏهن سوچ جو دائرو وڌنداسين، ته ماحول به بهتر ٿيندو، زندگي به.
ٿورو تصور ڪريو: جيڪڏهن هر ماڻهو رڳو رستي جي ڪناري لڳل هڪ وڻ کي روزانه هڪ بوتل پاڻي به ڏئي،
ته سوچي ڏسو ڪيترا وڻ بچندا، وڌندا ۽ ڪيتري ٿڌڪار پيدا ٿيندي.
اهو ننڍڙو قدم وڏو اثر ڏيئي سگهي ٿو. اچو ته پنهنجي ڌرتي لاءِ هي ننڍڙو فرض ضرور نڀايون."

هالا جي عوام کي خصوصي گذارشاچو ته "هالا لاءِ هڪ وڻ" مهم ۾ حصو وٺون!هالا کي سرسبز بڻائڻ لاءِ هر شهري پنهنجي حصي جو وڻ ضرو...
12/06/2025

هالا جي عوام کي خصوصي گذارش

اچو ته "هالا لاءِ هڪ وڻ" مهم ۾ حصو وٺون!

هالا کي سرسبز بڻائڻ لاءِ هر شهري پنهنجي حصي جو وڻ ضرور لڳائي:

🏠 گهر، 🕌 مسجد، ⛩ مندر، ⛪ چرچ، 🌳 اوتارو، 📌 آفيس يا جيڪا به مناسب جڳهه هجي جتي وڻ جي سنڀال ممڪن هجي – اتي هڪ وڻ ضرور لڳايو.

🌿 ان کي صدقو جاري سمجھون، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڇانوَ ڇڏيون!

General Instructions for the Candidates_ Screening Test of Matriculation Category (BPS-05 to BPS-15) Project, SGA&CD, Go...
12/06/2025

General Instructions for the Candidates_ Screening Test of Matriculation Category (BPS-05 to BPS-15) Project, SGA&CD, Govt. of Sindh. Tests to be held from June 21 to 30, 2025.

حيمص ڪمپيوٽر سکيا مرڪز ھالا پراڻا مان ٽن مهينن جي سکيا مڪمل ڪندڙ نوجوانن ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.سرٽيفڪيٽ ورهائڻ لاءِ م...
02/05/2025

حيمص ڪمپيوٽر سکيا مرڪز ھالا پراڻا مان ٽن مهينن جي سکيا مڪمل ڪندڙ نوجوانن ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.

سرٽيفڪيٽ ورهائڻ لاءِ مختصر ۽ سادي تقريب حيمص ڪمپيوٽر سکيا مرڪز تي منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ ميان منصور احمد ڀٽي مولوي عبدالرشید قريشي سائين رضا محمد ميمن طارق احمد سنائي جن خصوصي شرڪت ڪئي.

آيل مهمانن کي ڊاڪٽر عطاءُﷲ صدر طرفان ڀليڪار ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا.

سائين رضا محمد ميمن شاگردن کي مختصر تقرير ۾ محنت ۽ پختي ارادي واعدو ورتو تہ محنت ڪري ھالا پراڻا جو نالو پوري دنيا ۾ مشهور ڪندائو.

آخر ۾ امان صدر آيل مھمانن جو شڪريو بجا آندو ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻيندڙ شاگردن کي نيڪ تمنائون آڇيون.

”مون لاءِ اهو ممڪن ناهي ته مان جيڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان جي ڪاميابيءَ يا ناڪاميءَ جو اندازو لڳائي سگهان؛ آخري فيصلو ڪن...
05/02/2025

”مون لاءِ اهو ممڪن ناهي ته مان جيڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان جي ڪاميابيءَ يا ناڪاميءَ جو اندازو لڳائي سگهان؛ آخري فيصلو ڪنھن ٻئي ھنڌ ٿيڻو آهي.“ - آغا خان جون يادگيريون: ورلڊ اِنَف اينڊ ٽائيم

اسماعيلين جي 49 هين امام جي حيثيت سان، عزت مآب پرنس ڪريم الحسيني،آغا خان IV هڪ بصيرت وارو اڳواڻ، ڪاروباري شخصيت ۽ انسان دوست فرد هو جنهن جي بصيرت ۽ فلاحي ڪم ڪروڙين انسانن تي هڪ مستقل اثر ڇڏيو آهي. تعليم، صحت جي سار سنڀال ۽ ثقافتي تحفظ لاءِ سندس چاھ آغا خان فائونڊيشن، ڪراچيءَ جي آغا خان يونيورسٽي، ۽ هارورڊ يونيورسٽي ۽ ايم آءِ ٽي ۾ اسلامي فنِ تعمير لاءِ آغا خان پروگرامن مان عيان آھي.
مان عزت مآب پرنس ڪريم الحسيني، آغا خان IV جي وفات تي پاڪستان جي اسماعيلي برادري سميت سڄي دنيا جي اسماعيلي برادريءَ سان، دلي تعزيت پيش ڪريان ٿو.
سندس ھمدردي، علم پروري ۽ ترقيءَ وارو ورثو نسلن کي متاثر ڪندو رهندو. دُعا آھي تہ سندس روح کي ابدي آرام ملي.

20/01/2025
20/01/2025

موٹروے M-1 پشاور سے اسلام آباد تک
موٹروے M-2 اسلام آباد سے لاہور تک
موٹروے M-3 لاہور سے عبدالحکیم تک
موٹروے M-4 پنڈی بھٹیاں سے ملتان تک
موٹروے M-5 ملتان سے سکھر تک
موٹروے M-6 سکھر سے حیدرآباد تک
موٹروے M-7 دادو سے حب تک
موٹروے M-8 رتودیرو سے گوادر تک
موٹروے M-9 حیدرآباد سے کراچی تک
موٹروے M-11 سیالکوٹ سے لاہور تک
موٹروے M-13 صوابی سے چکدرہ تک
موٹروے M-14 حکلہ سے ڈیرہ اسماعیل خان تک

Free Courses.Limited Slots.Avail the opportunity.
14/01/2025

Free Courses.
Limited Slots.
Avail the opportunity.

This advertisement is fake.
11/10/2024

This advertisement is fake.

هالا پراڻا جي نوجوانن ۽ شاگردن کي فني مهارت سان مالا مال ڪرڻ لاء حاجي يار محمد صدر ٽرسٽ هالا پراڻا پاران قائم ڪرايل ڪمپي...
01/06/2024

هالا پراڻا جي نوجوانن ۽ شاگردن کي فني مهارت سان مالا مال ڪرڻ لاء حاجي يار محمد صدر ٽرسٽ هالا پراڻا پاران قائم ڪرايل ڪمپيوٽر سينٽر جو افتتاح اڄ سائين عبدالقوي صدر صاحب ۽ سائين محمد حبيب سنائي صاحب جن ڪيو.

تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو.

سائين محمد حبيب سنائي آيل شاگردن ۽ نوجوانن کي ڪمپيوٽر جي اهميت متعلق ليڪچر ڏنو.

محترم طارق احمد سنائي غلام مجتبئ صدر قاضي خضر حيات ۽ غلام رضا صدر جن انسٽرڪٽر طور پنهنجون ذميواريون اڄ کان ئي سنڀالڻ شروع ڪري ڇڏيون.

ڪريم ڏنو مغل سينٽر جي سيٽنگ م پهرئين ڏينهن کان ساٿاري رهيو.
هاشم کوکر جي صلاحن ۽ مشورن سينٽر کي وڌيڪ سونهن بخشي.
ڪمپيوٽر جا ڪلاسز باقاعده سڀاڻي کان شروع ڪيا ويندا.

حاجي يار محمد صدر ٽرسٽ هالا پراڻا پاران جون جولاءِ جي موڪلن ۾ ٻن مهينن جو ڪمپيوٽر شارٽ ڪورس ڪرايو پيو وڃي.جنهن م ڪمپيوٽر...
26/05/2024

حاجي يار محمد صدر ٽرسٽ هالا پراڻا پاران جون جولاءِ جي موڪلن ۾ ٻن مهينن جو ڪمپيوٽر شارٽ ڪورس ڪرايو پيو وڃي.
جنهن م ڪمپيوٽر جا بنيادي ڪورس ۽ بنيادي ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي.
داخلا وٺندڙ لاء گهٽ پنج درجا پاس هئڻ لازمي آهي.
ايڊوانس في پنج سئو ۽ ماهوار فيس پنج سئو روپيا آهي.
فارم غلام رضا صدر فوٽو اسٽيٽ هالا پراڻا وٽ موجود آهن.
فارم حيمص ڪمپيوٽر سکيا مرڪز هالا پراڻا سامهون ڊاڪٽر عطاءُﷲ صدر ڪلينڪ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو.
ڪلاس انشاءﷲ پهرين جون 2024 بروز ڇنڇر کان شروع ڪيا ويندا.
ڪلاس ٽائيم پهرئين شفٽ صبح جو ڏهين بجي کان يارهين بجي تائين ۽ بي شفٽ يارهين بجي کان ٻارهين بجي تائين هوندي.
وڌيڪ رابطي لاءِ
03003069281
03153090687
03033631212
03073086983

Address

HALA OLD
Hala

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00

Telephone

+923003069281

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HYMSA posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to HYMSA:

Share