S.A.L.G.H.S.S Islamkot

S.A.L.G.H.S.S Islamkot Shah Abdul Latif Bhittai Govt Higher Secondary School Islamkot is the center of education of Taluka idlamkot. founded in 1964 and upgraded in 2008

It was established in 1962 and upgraded to Higher secondary in 2008.There are 2000 students getting education .

16/11/2025

#تعليمي #ادارن مان #غائب ٿيل
#هم/ #غير #نصابي #سرگرميون ڪڏهن
بحال ٿينديون؟
ڪو وقت هو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نصابي سان گڏ غير / هم نصابي سرگرميون جاري رهنديون هيون. ڊائريڪٽوريٽس کي اختيار هئا. تعليمي ادارن کي فنڊ يا سامان فراهم ڪيو ويندو هو. اسڪول به گيمس فنڊ وٺندا هئا ان مان سامان ورتو ويندو هو. اسڪول جو هيڊ ڪنهن ايڪٽو ۽ راند سان دلچسپي رکندڙ استاد کي گيمس /اسپورٽس جو انچارج مقرر ڪندو هو. هر هاء اسڪول جون ڪرڪيٽ فٽ بال والي بال ۽ ڪٿي ڪٿي هاڪي جون ٽيمون هونديون هيون . هر اسڪول جو باقاعده گرائونڊ ھوندو هو . هاڻي شھرن ۾ اهي گرائونڊ قبضه خورن جي حوالي آھن جي ڪٿي آھي ته اتي اسڪولس پاران ڪا راند نه پئي ٿئي.ڇو ته اسڪول ٽيمون جمهوريت اچڻ سان ختم ٿي ويون.
هم نصابي سرگرمين ۾ راندين سان گڏ تقريري ، نعتيہ ، قراءت مضمون نويسي، خوشخطي،…………وغيره . غير نصابي ۾ سيڪنڊري سطح تي هر هاء اسڪول جون ڪرڪيٽ، فٽ بال. والي بال ۽ ھاڪي جون ٽيمون هونديون هيون. پهرين هاء اسڪولن جي درميان تعلقي سطح تي مقابلا ٿيندا هئا.تعلقن مان سوڀاريون ٽيمون ضلعي ڊويزن ۽ اهڙي ريت صوبي ليول تي ٿيندڙ چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺنديون هيون . ونر ۽ رنر کي تعلقه کان صوبه سطح تائين ٽرافي ۽ تمام شرڪاء کي انعام واڪرام سان نوازيو ويندو هو. ايئن ٻارن جي حوصلہ افزائي ٿيندي هئي .هارائيندڙ به ايندڙ مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاء ڀرپور محنت ڪندا هئا. پڙهڻ سان گڏ راند روند سبب ٻار جسماني سان گڏ دماغي طور به صحتمند رهندا هئا.
ٻارن ۽ استادن جي صوبائي ليول تائين انٽر ائڪشن سان صحتمند روايت،ماحول ۽ چٽاڀيٽي جو رجحان پروان چڙھندو هو. راند روند سان ٻارن جي جسماني و دماغي سگھ پروان چڙھندي هئي . ٽيمن جا رانديگر پنهجي ڪاميابي جا قصا بيان ڪري دوستن کان داد وصول ڪندا هئا يا معمولي غلطي سبب کاڌل شڪست مان پاڻ بہ ڪجھ پر ائيندا هئا تہ واپسي ۾ پنهنجي دوستن سان روئداد شيئر ڪري صلاحون وٺندا هئا ايئن کيس خوشيون ميسر ٿينديون هيون .
ياد ماضی عذاب ہے يا رب
چھين لي مجھ سے حافظہ ميرا
عوامي دور جي شروعات سان اهي صحتمند روايتون.صحتمند سرگرميون آھستہ آھستہ موڪلائينديون رهيون.تان جو ضلعي جو راندين جو آفيسر بچيو سو به شايد بجيٽ ھڙپ ڪرڻ لاء ...
آخري مقابلا جيڪي به وڏي عرصي بعد ٿيا اهي مشرف جي دور ۾ 2007-8 يا پ پ جي دور ۾ 2009 ۾ ٿيا .ايئن راند روند ۽ انڊور ايڪٽيوٽيز آھسته آھسته موڪلائي ويون. بدقسمتي سان ڪنهن تڏو به نه وڇايو ۽ نہ ئي ڪنهن آخري رسمون ادا ڪرڻ جي زحمت ڪئي.شايد ان ڪري جو اهو شعبو ڪاغذن ۾ زنده آھ . ضلعي سطح تي ڊي اي او اسپورٽس جي آسامي آھي پر سرگرمي جو پتو ناهي. سو ميدان ويران آھن ۽ راند ميدانن ۾ بلڪل ناهي.
اهو هينئن بہ ڏٺم : - ڪافي وقت اڳ ڪنهن اسڪول بلڊنگ تي لڪڙو لڳل ڏٺم .ويجهو وڃي ڇا ڏسان لڪڙي ۾ ڪجھ سفيد ڪپڙي جو ٽڪر بچيو هو جنهن ۾ ڏنڊو گهسيڙيل هو اهو هوا تي پئي ڦڙڪيو باقي سائي رنگ ۽ چنڊ تاري وارو وڏو حصو ڪڏهوڪو ٽٽي اڏامي ويو هو .سمجھي ويم. ڪنهن محترم استاد دوست اسڪول تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو هو ، شايد وسري وڃڻ سبب، روز لڳائڻ لاهڻ جي جنجهٽ کان بچڻ يا اهميت جو ادراڪ نہ هئڻ سبب اسڪول ٽائيم بعد ان ڏي ڪڏهن نظر ڪانہ ڪئي تہ قومي سلامتي جو نشان ڪهڙن حالن ۾ آھي .بهرحال سبب جيڪو به هو ڪافي وقت بعد اڪثريت تہ اڏامي ويئي هئي باقي ويچاري اقليت جي .........۾ بانس جو ڏنڊو اهڙو مضبوط گهسيڙيل هو جو خلاصو خاصو مشڪل پئي لڳو.. ڏنڊو قابو ٻڌل هو. لڳي ٿو ايئن ڊي اي او اسپورٽس بہ…………………
روز تعليم جي بهتري لاء عمل گهٽ اعلان وڌيڪ ڪيا پيا وڃن .معلمن کي ملزم بنائي عوام اڳيان رسوا ڪرڻ جون ڪوششون عروج تي آھن .تعليم جي ت کان بہ نا آشنا،مڪار، سماج جاڌڪاريل ادراڪ کان عاري لڪير جا فقير يا ماسترن جي معقول معاوضي تي حاسد روح سوشل ميڊيا تي سدائين لعن طعن ڪرڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. کيس پروڙ ناهي تہ تعليم تباه ڪرڻ جو اصل ذميوار ڪير آھ. اهو بہ نٿا سمجهن تہ واويلا ڪرڻ وارو يعني چوڪيدار ئي چور هوندو آھي.
ها! مڃون ٿا استادن جي ويس ۾ ٿورا ڪجھ ڪروپ ڪوڙھيا وڏيرن جا واٺا يا آفيسرن جا کيسا گرم ڪندڙ چور هوندا جيڪي پيغمبري پيشي تي داغ آھن .پر ان داغ کي ڌوئڻ جو ذميوار ڪير؟
روز لسٽون شائع ٿين ٿيون ٿہ ڦلاڻي ضلعي ۾ فلاڻا صحافي آھن يا وڏيرن جا ڪمدار . پر انهن کي بچائڻ وارو يا پگهار جاري ڪرڻ وارو ڪير آھ ؟
اڄ به ڪافي اهڙا ملندا جن ڪڏهن اسڪول جو منهن به نه ڏٺو هوندو پر نه کيس بايو ميٽرڪ اٽينڊنس ڏيڻ جي اون آھ نه ئي ڪنهن مڄو آفيسر جو خوف آھ .ڇو ته کيس يقين آھ ته هن دور جو آفيسر صاحب جي فون جو خرچ آھ. کيس طاقت ناهي جو اهڙن دادلن جو وار ونگو ڪري سگهي .آفيسر ته رکيل ئي اهڙن کي تحفظ ڏيڻ نڌڻڪن استادن کي دڙڪا ڏيڻ کانئس ڀتو وٺڻ ۽ ٿوري گهڻي بجيٽ جيڪا ملي ٿي ان کي ڦٻائڻ ڪوڙا انگ اکر ڏيڻ بجيٽ ٺاهڻ ۽ بجيٽ کائڻ وارن لاء آساني ڪرڻ لاء آھن.
پرائيويٽ سسٽم ۾ ڪجھ نالي وارن ادارن کي ڇڏي ٻين تعليم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھَ. ڪجه پرائيويٽ ادارن ۾ تہ غير نصابي سرگرمين جو تصور تہ خير اسيمبلي ۽ قومي ترانو يا جهنڊي جي سلامي بہ نٿي ٿئي. اسڪولن لاء عمارتون جهڙو ڪڪڙن جون کڏيون. استاد اهڙا رکيا ويندا جيڪي بيروزگاري سبب ڪو واه ڪو راه نہ سجهندي 5 کان 10 هزار پگهار تي راضي ٿين.
انڌير نگري ڏسو .سرڪار سڳوري جو اعلان گهٽ ۾ گهٽ مزدوري 17 هزار کان مٿي پر هنن لوڀين کي ڪير جهلي. ملڪ سڄو منصور.
ايتري بي حسي ٿي ويئي آھي جو غلط کي غلط چوڻ تہ ٺھيو پر غلط صحيح کي پرکڻ بہ مشڪل ٿيندو وڃي . هاڻي ته مرڳو غلط، صحيح جي جڳھ والاري قبضو ڪري چڪو آھ . حق جي باطل تي فتح بدران باطل حق جي حلق تي لت ڏيئي فتح جو اعلانى ڪري چڪو آھ.
جڏھن سرڪاري سطح تي ڊي اي اوز غير نصابي سرگرمين ختم ٿيڻ تي خاموش آھن تہ پرائيويٽ وارن اعزازي ڊائريڪٽرن کي ڪهڙي ………پئي آھي جو هو پرائيويٽ اسڪول وزٽ ڪري ڏسن تہ اسيمبلي ۽ ترانو يا سلامي ٿئي ٿي يا نہ .
رکي، يعني خشڪ تعليم بنا روح جي جسم وانگر آھي .نہ شاگردن ۾ شوق ٿو پيدا ٿئي نہ استادن ۾ اتساھ َ. بس رينگهٽ آھ هلي پيو.
طالب جي ڪيتري طلب ٿي پوري ٿئي؟
.نئي نسل جي ڪيتري تربيت ٿي ٿئي؟
.قوم کي ڪيترو ٿو لاڀ ملي؟ان سان امراء کي ڪهڙو سروڪار.
دريا ڪو اپني موج کي. طغيانيون سي ڪيا ڪام
ڪشتي ڪسي ڪي پار هو. يا درميان مين رهي.
ادارن جي هيڊس، معزز ٽي اي اوز ،ڊي اي اوز، ڊائريڪٽرز ۽ منسٽر صاحب کي گذارش آھ ته تعليمي ادارن جي جان هم نصابي سرگرمين لاء ڪا انيشيٽو وٺو . فنڊن جي ضرورت آھ ته ڏيو. ٽيمون ٺهرايو. ادارن ۾ جان وجهو . استادن جي تربيت ڪرايو . ٻارن کي صحتمند رهڻ لاء ماحول ڏيو. اگر اهو نٿا ڪريو ته گهٽ ۾ گهٽ اسيمبلي يا بعد ۾ پي ٽي جي مشق لازمي قرار ڏيو. هر مڊل کا هاء اسڪول ۾ ٻيو ڪو استادهجي نه هجي پي اي ٽي ضرور موجود هوندو. ان کي وسل وٺي ڏيو ته اهو ويچارو وسل وڄائڻ جي ته قابل ٿئي.

پاڪستان تي راڄ ڪندڙ جرنيلپهريان ٻه انگريز هئا ان بعد ايوب خان 1951 کان 1958 پوء جنرل موسا خان ،جنرل يحيا خا,جنرل گل حسن،...
10/11/2025

پاڪستان تي راڄ ڪندڙ جرنيل
پهريان ٻه انگريز هئا ان بعد ايوب خان 1951 کان 1958 پوء جنرل موسا خان ،جنرل يحيا خا,جنرل گل حسن، جنرل ٽڪا خان ،جنرل ضياء. جنرل اسلم بيگ، جنرل آصف نواز جنرل وحيد ڪاڪڙ، جنرل جهانگير ڪرامت، جنرل پرويز مشرف، جنرل ڪياني، جنرل راحيل، جنرل باجوه جنرل عاصم منير .

10/11/2025
ڪارگل ڪمانڊو جنرل پرويز مشرف عنان اقتدار کان بي وطني تائين.بجير ڀائيخانگذريل هفتي سوشل ميڊيا تي مشرف جي وفات جي پوسٽ ڏٺم...
16/06/2025

ڪارگل ڪمانڊو جنرل پرويز مشرف
عنان اقتدار کان بي وطني تائين.
بجير ڀائيخان
گذريل هفتي سوشل ميڊيا تي مشرف جي وفات جي پوسٽ ڏٺم پر يقين نه آيو سو تصديق لاء ٽي وي آن ڪيم .ڪنهن به چينل تي به اهڙي ڪا خبر يا ڪلپ نظر نه آئي. پڪ ٿي ته ڪنهن بدذوق شوشو ڇڏيو آھ. ڪلاڪ بعد ڪنهن دوست فيس بڪ تي مشرف جو وڊيو شيئر ڪيو .پرويز مشرف بيماري جي بستري تان ميسيج رڪارڊ ڪرايو هو.ميسيج اهو هو ته هو واپس ملڪ وڃي ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو پر هن کي اچڻ نٿو ڏنو وڃي.شديد بيماري ۽ بي وطني جي غم سبب انتهائي ضعيف نظر آيو. ڪمانڊو جنرل جي اها حالت ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو.قدرت جو شان آھ ته جنهن کي جيترو ۽ جھڙو وقت ڏي .شاھ کي گدا ۽ گدا کي شاھ بنائي ڇڏي. ڪمزور کي توانو ۽ تواني کي مفلوج بائي ڇڏي ان جو اختيار آھ.
جنرل مشرف آرمي مان ڪميشن حاصل ڪري سيڪنڊ ليفٽيننٽ مان ليفٽيننٽ جنرل ۽ آرمي چيف تائين جو سفر صرف ۽ صرف ميرٽ تي ڪيو. 65 ۽ 71 جي پاڪ ڀارت جنگين ۾ مغربي فرنٽ تي دشمنىجو مقابلو ڪيو.
مشرف جي سڄي دنيا خصوصن اسلامي دنيا ۾ شھرت ان وقت بلندي تي پهتي جڏهن 1979 ۾ ڪعبته الله شريف تي انتها پسندن قبضو ڪري ورتو .مسجد حرام جا دروازا بند ڪيا ويا. قبضگير گروپ جي اڳواڻ خود کي امام مهدي سڏائي مسجد ۾ موجود مسلمانن کان بيعت وٺڻ شروع ڪئي.اهو عمل ڪافي ڏينھن جاري رهيو. سعودي حڪومت ۽ فورس کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته انتها پسندن کان بيت الله شريف ڪيئن خالي ڪرائجي. سعودي فرمانروا پاڪستان کان مدد طلب ڪئي. ان وقت جي پاڪستاني ڊڪٽيٽر جنرل ضياء جي نظر برگيڊيئر ڪمانڊو پرويز مشرف تي پيئي.
برگيڊيئر مشرف لاء اهو وڏو امتحان ھو ته مسلحه جٿي کان پاڪ گهر خالي به ڪرائي ۽ ان جو تقدس به برقرار رهي. هن ڇا ڪيو جو پهرين مسجد شريف ۾ پاڻي ڇڏرايو ۽ پوء پاڻي ۾ برقي ڪرنٽ ڇڏيو ويو. گڏوگڏ ڪمانڊوز کي هيليڪاپٽر ذريعي مسجد جي ڇت تي لاٿو ويو. جيئن ئي ڪرنٽ لڳڻ سان دهشتگرد بيحرڪت بنجي ڪرڻ لڳا مشرف جي اڳواڻي ۾ ڪمانڊوز مسجد ۾ داخل ٿيا .ھن دستي برقي ڪرنٽ روڪي ڪجھ منٽن ۾ دهشتگردن کي پڪڙي ورتو هن آپريشن ۾ مهدي جو دعويدار مارجي ويو ۽ باقي انتها پسند گرفتار ڪيا ويا. اهڙي ڪامياب آپريشن سبب هڪ گمنام برگيڊيئر مشرف هاڻي اسلامي دنيا جو هيرو بنجي چڪو هو.
پاڪستان آرمي ۾ مشرف جي شھرت هڪ ذھين چست ثابت قدم دلير ۽ فيصله سازي ۾ تيز آفيسر جي هئي. سپاهي کان آفيسر تائين تمام فوج هن جي مداح هئي. پر نواز شريف ان جو غلط اندازو لڳايو هن جي خيال ۾ مهاجر هئڻ سبب مشرف جون آرمي ۾ پاڙون ڪمزور هونديون. اهو ئي سبب هو جو جنرل علي قلي کي سينئر هئڻ باوجود سپرسيڊ ڪري مشرف کي آرمي چيف بنايو ويو. ان وقت نواز شريف هيوي مينڊيٽ سبب فرعون بنيل هو. جنرل جهانگير ڪرامت , چيف جسٽس سجاد علي ۽ صدر لغاري کي هٽائي هي پنهنجي فرعونيت ثابت ڪري چڪو هو.هن جي خيال ۾ ڪراچي جو مهاجر جنرل ڪلرڪ کان وڌيڪ نه هو. پر هن جو اندازو سراسر غلط نڪتو. ڪو به جنرل, مهاجر سنڌي پٺاڻ پنجابي نه پر جنرل هوندو آھ. ڪارگل آپريشن ۽ ائٽمي ڌماڪن جهڙن بولڊ فيصلن مشرف جو قد وڌائي ڇڏيو هو. جيڪي ماڻھو سمجهن ٿا يادعوا ڪن ٿا ته ائٽمي ڌماڪا نواز شريف جر حڪم تي ڪيا ويا اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. ائٽمي ڌماڪا ڪرائڻ وارو ڪمانڊو جنرل پرويز مشرف آھ .نواز ته ڪارگل دوران بل ڪلنٽن آڏو گوڏا کوڙي معافي وٺي چڪو هو.
بهرحال نواز شريف کي دال ۾ ڪارو نظر اچڻ لڳو. هن ڪچن ڪيبينيٽ ۾ مشرف کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو..انٽيليجنس وارن ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلو خفيه نموني رڪارڊ ڪري ورتو.ٻئي ڏينھن نواز شريف کي گهرائي رڪارڊنگ ٻڌائي ويئي. نواز شريف غلطي تسليم ڪري معافي ورتي ۽ بروقت جنرل پرويز مشرف کي ٻه سال جي
ايڪسٽينشن ڏيئي ڇڏي..بظاهر معاملو رفع دفع ٿي ويو پر فرعون بنيل نواز شريف کي مشرف جو آرمي چيف رهڻ ڏکيو لڳو. ڪارگل آپريشن ۽ ائٽمي ڌماڪا ڪرائڻ سبب آمريڪا پاڪستان تي معاشي پابنديون ھڻي ڇڏيون .ملڪ جا معاشي حالات ابتر ٿي ويا. نواز شريف کي لڳو ته اهو سڀ مشرف جي ڪري ٿي رهيو آھ. هن خفيه نموني پلان ٺاهيو ته مشرف کي ٻاهر موڪلي غير موجودگي ۾ کيس برطرف ڪري پنهنجي منظور نظر ضياء الدين بٽ کي چيف بنائي مشرف مان جان ڇڏائي ويندي .هن کي اهو اندازو نه هو ته پاڪستان جي آء ايس آء دنيا جي ٽاپ خفيه ايجنسيز ۾ نمبر ون آھ. هن جا سڀ خفيه پلان پاڪ آرمي معلوم ڪري چڪي آھ. بهرحال نواز شريف پنهنجو پلان جوڙيو ته ان کي ڪائونٽر ڪرڻ لاء آرمي به پنهنجو پلان مڪمل ڪري ڇڏيو. پنڊي ۽ ڪراچي ڪور جا ڪمانڊر ڪنهن به صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء تيار هئا.جنرل عزيز ٽرپل برگيڊ کي تيار رکيو ۽ جنرل عثماني ڪراچي ڪور کي تيار رکيو. جنرل مشرف بي فڪر ٿي سريلنڪا جي دوري تي روانو ٿيو.
نواز شريف اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو سو ٻي ڏينھن پنهنجي سيڪريٽري کي مشرف کي برطرف ۽ بٽ کي چيف بنائڻ جو آرڊر ٽائيپ ڪرڻ جو چيو ته ٻي پاسي پاڻ وري ضياء بٽ کي چيف جا بيج لڳائي ڊيڪوريٽ ڪرڻ لڳو.هتان آرڊر ٽائيپ ٿي چڪو هتان بٽ ڊيڪوريٽ ٿي آرمي مرڪز پنڊي لاء نڪتو. نواز شريف آرڊر کڻي ٽي وي تي انائونس ڪرڻ لاء پهتو . نواز شريف ٽي وي روم ۾ داخل ٿي ٽي وي اسٽيشن جو مين گيٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته هوڏانهن جنرل عزيز آرمي هائوس جو گيٽ بند ڪرائي جنرل بٽ کي اندر نه ڇڏڻ جو حڪم صادر ڪيو. گڏوگڏ ٽرپل برگيڊ کي موو ٿيڻ جو آرڊر ڪيو. ڪمانڊوز کي ٽي وي اسٽيشن پهچڻ ۽ نواز شريف کي آن ايئر ٿيڻ کان اڳ گرفتار ڪرڻ جا احڪمات مليا. پنڊي ۽ اسلام آباد جي سڙڪن تي آرمي جي غير معمولي حرڪت شروع ٿي .ڪمانڊوز بغير ٽائيم وڃائڻ جي ٽي وي اسٽيشن جون ديوارون ٽپي اندر داخل ٿيا. پوء ويچاري شريف سان جيڪي ٿيو اهو اڄ تائين وساري ناهي سگهيو.
12 آڪٽوبر 99 جي آرمي آپريشن بعد مشرف واپس پهچي ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ڇڏي.آئين معطل ڪري ايل ايف او جاري ڪيو . سياسي چرپر تي پابندي لڳائي ڇڏي. هي پهرين مارشل لا هئي جنهن جي عوام پاران وڏي پذيرائي ڪئي ويئي.فرعوني دور جي خاتمي تي سياسي پارٽين به مٺايون ورهايون. مشرف جي ڏھ ساله دور ۾ ملڪ وڏي ترقي ڪئي . ٿرپارڪر جهڙو انتهائي پسمانده علائقو روڊن جي ڄار ذريعي باقي ملڪ سان ڳنڍيو ويو.سپريم ڪورٽ ملڪ کي فرعوني غلاظت صاف ڪرڻ لاء ٽن سالن جو وقت ڏنو. مشرف ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر نيتن جو گند صاف نه ڪري سگهيو. ق ليگ بنائي اليڪشن ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو پر ڀوتارڪي ڪلچر کي ختم نه ڪري سگهيو. جيل کولي ڏوهارين کي وزير بنائڻو پيو ڇو ته اسانجي عوام کي چور ساد جي تميز ئي ناهي. ڏھ سال مٿا ماري ڪرڻ باوجود ڪجھ به نه بدليو.
هن دور ۾ نواز جي ستايل پ پ پ کي وڏو رليف مليو .مشرف ئي هو جنهن ڳجھ گوھ ۾ ڀٽو جي خفيه قاتلن کان انتقام ورتو.
2007 ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ مشرف درميان سياسي معاهدو ٿيو. جنهن تحت مشرف کي وردي لاهي سياست ڪرڻي هئي پر بدقسمتي اهو جو اليڪشن کان اڳ محترم کي شهيد ڪيو ويو. ۽ اهو معاهدو اڌورو رهجي ويو. اليڪشن به ٿي پ پ پ اليڪشن کٽي آئي.پ پ پ قيادت پاران مشرف کي باعزت رٽائر ڪيو ويو. پ پ پ پنهنجي دور ۾ مشرف جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي جنهن تي ن ليگ سڙندي رهي.
ھڪ اهڙو وقت آيو جو مشرف به نواز شريف جيئن فرعون بنجڻ جي ڪوشش ڪئي .هن اسٽيل مل وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر چيف جسٽس چوڌري افتخار ايئن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. مشرف کي ڏاڍو ڏکيو لڳو ڇو ته هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هن کي به ڪو روڪڻ وارو سامهون اچي سگهي ٿو. مشرف جتي سٺا ڪم ڪيا اتي غلطيون به ڪيون پنهنجي دور ۾ هن جي پهرين غلطي چوڌري افتخار جي برطرفي ۽ ٻيو بلنڊر ڪراچي ۾ پنهنهي ساٿاري دهشتگردن ھٿان 12 مئي تي وڪيلن ۽ عام عوام کي قتل ڪرائي ڪراچي ۾ چوڌري کي آجياڻو ڏيڻ کان روڪڻ ھو. هن جو اهو ڏوه آئين معطل ڪرڻ کان به وڏو گناھ ھو. افسوس جو ڪنهن به حڪومت اڄ تائين انهن بيگناه مقتولن جي وارثن کي انصاف نه ڏياريو .الٽو انهن دهشت گردن سان معاهدا ڪري حڪومتون ڪندا رهيا ۽ ڪري رهيا آھن .ڪا به اهڙي سياسي پارٽي ناهي جنهن دهشتگردن کي سزا ڏيارڻ پري جي ڳالھ پر اقتدار کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي هجي .اهوئي سبب آھي جو انسانيت جا قاتل دعوائون ڪندا آھن ته اقتدار جو رستو اڳي نائن زيرو ۽ هاڻ بهادر آباد کان ٿي اسلام آباد وڃي ٿو. ڏسجي ته اها حقيقت به آھي.
مشرف جا سڀ گناه نظر انداز ڪري آئين ٽوڙڻ جي گناھ ۾ ٻن ڏهاڪن بعد پشاور هاء ڪورٽ چيف (مرحوم وقار سيٺ) نواز شريف جي منشا تي سزاء موت سو به ٽي ڏينھن لٽڪائي رکڻ جي سزا ٻڌائي.
(سيٺ اڻ ڪورونا جي ور چڙھي ويو مشرف کي لٽڪندو ڏسڻ جي خواهش دل ۾ کڻي ويو)
اگر ايمانداري سان ڏسجي ته آئين ته روز ٽوڙيو وڃي ٿو پوء اهو پوليس ٿاڻي تي يا يا روينيو آفيسن ۾ ..ڪاروبار ۾ يا باقي ادارن ۾ ... ھر اهو عمل جيڪو آئين ۾ ڄاڻايل اصولن جي خلاف هجي اهو آئين ٽوڙڻ جي ضمري ۾ اچي ٿو.
مشرف جي وڏي خوبي اهو ته هو احسان فراموش نه هو .71 جي جنگ ۾ ٿر مان گذرڻ مهل هڪ عورت جو پاڻي پيارڻ به فراموش نه ڪيائين. نه صرف ٿر کي ترقي ڏيارڻ ۾ ارباب غلام رحيم جي پورو پورو ساٿ ڏنو .پر....
[پاڻي پيارڻ واري عورت جي پڇا ڪري ٿر جي تاريخي ڳوٺ اوڏاڻي پهتو .ان عورت جي خاندان ۽ ڳوٺ لاء جيڪو ڪم ڪيو اهو سائين راوت وڌيڪ ٻڌائي سگهي ٿو]
پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جو هي عظيم هيرو ڪجھ سالن کان جلاوطن آھي. جلاوطني جي درد کيس نٻل ڪري بستري داخل ڪري ڇڏيو آھي. هن کي خوف آھ ته ڪٿي آخري مغل تاجدار بهادر شاه ظفر جيئن کيس ملڪ جي مٽي به نصيب نه ٿي.اهو ئي سبب آھي جو موت جي بستري تي به هن جي خواهش وطن جا وڻ ڏسڻ جي آھي.چاهي ٿو وطن جي مٽي نصيب ٿئي.
اهڙي خواهش تي ڪوليگز کيس واپس اچڻ جي درخواست ڪئي آھ. خاندان کي يقين ڏياريو آھ ته سويلين مشرف جو ڪجھ نٿا بگاڙي سگهن .سابق صدر جو خاندان جڏهن چاهي بيمار ببر شير کي ساڻ ڪري وطن موٽي سگهن ٿا گدڙ سڀ ٽريپ ڪيا ويا آھن.
ڪلھ سينيٽر محترم گيلاني ڀلي ڳالھ ڪئي ته ھن مشرف کي معاف ڪري ڇڏيو.پاڻ اهو به فرمايو ته جي معاف نه ڪري ها ته ڪهڙو فرق پوي ها.مشرف نه ته ڪنهن جي روڪڻ سان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان رڪيو ۽ نه ئي ڪو واپس اچڻ کان روڪي سگهي ٿو. اهو سڀني کي خبر آھ ۽ سمجهن به پيا.

خوشي اجتماعي ۽ ذاتي مفاد کان مبرا  هجي...سرڪاري ملازم لاء پهرين پگهار ۽ پوء وقت سان گڏ ملندڙ ترقي انفرادي طور ڏاڍا خوشي ...
24/05/2025

خوشي اجتماعي ۽ ذاتي مفاد کان مبرا هجي...
سرڪاري ملازم لاء پهرين پگهار ۽ پوء وقت سان گڏ ملندڙ ترقي انفرادي طور ڏاڍا خوشي ڀريا لمحه هوندا آهن.دوست و احباب پيا واڌايون ارپيندا آهن. ملازم خود به خوشي محسوس ڪندو آھ ته مستقل مزدوري لڳڻ سان بيروزگاري جو ڀئو ختم ٿي ويو. ٿڌي ڪوسي ڪم فراغت ڇا به هجي مقرر پگهار کڙو. اڀري سڀري روزي ٽاڻي تي پئي ملندي. سو ماڻهو روزگار جي فڪر کان آجو ٿيو وڃي. ڇو ته اسان جھڙا اڪثر دوست نوڪري خدمت لاء گهٽ روزگار لاء وڌيڪ قبول ڪندا آهن. هاڻي ته امير ڪاروباري طبقو به سرڪاري نوڪري جو آرڊر ايئن ضروري سمجهي ٿو جيئن پاڪستاني سياستدان عرب رياستن جو اقامو. ڇو ته بغير ڪم جي به پگهار مليو وڃي.
آسان به هزار تي روزگار لڳاسين رڙهندي رڙهندي لک کان ٽپياسين .ڪڏهن اهو محسوس نه ٿيو ته جلد پگهار ملڻ لاء پهرين تاريخ جلد اچڻ جي خواهش ڪٿي عمر جلد گذرڻ جي خواهش ته ثابت نه ٿيندي. اهو احساس به اڌ صدي گذرڻ بعد ٿئي ٿو جڏهن خواهشن جي خرگوش پٺيان ڊوڙندي ڊوڙندي ماڻهو سهڪي سهمي ٿڪجي پوي ٿو ۽ ڪافي خواهشون اڻپورو رهجي وڃن ٿيون.
اها عمر قسمت جي لکئي تي وڌيڪ يقين ڪرڻ جي هوندي آھ.. ماڻهو رهيل خواهشون پوريون ٿيڻ لاء اولاد ۾ اميد رکي عملي زندگي ۾ سست ٿيڻ شروع ٿيندو آھ. چاهيندو آھ ته جيڪي ڪجهه ملي اھو بغير تگ و دو جي جهولي ۾ اچي ڪري. جيئن اسان 18 ۾ پروموشن لاء مشروط سکيا مان گذرڻ بعد مقرر امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاء اميد رکيو ويٺا هئاسين بنا لکڻ جي پاس ٿي وڃون پر اهو ممڪن ناهي. ڇو ٿه اها ٽيسٽ ميرپور بورڊ کي ٿوروئي وٺڻي هئي.
اسان به صبر آزما انتظار بعد 16 مئي تي جڏهن مٿئين گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪئي سين ته جتي سوشل ميڊيا تي دوست واحباب نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن اتي اسانجي واٽس ايپ گروپن ۾ دوستن قيادت جا ڳڻ ڳايا ۽ ڌڙا ڌڙ خوشي ڀريون تصويرون شيئر ڪيون آهن، اهو ديدني هئڻ سان گڏ اسان لاء اتساھ ڀريو ۽ سروس پرووائيڊر ڪمپنين لاء انتهائي منافع بخش ثابت ٿئي پيو. هڪرو مسئلو ضرور ٿيو جو لاتعدا ميسيجز ۽ تصويرن شيئر ٿيڻ سبب جتي فون جي ميمري متاثر ٿي اتي سڀ ميسيجز ڏسڻ ممڪن نه رهيو.شايد ڪنهن تائين واڌايون پهتيون ڪنهن تائين نه پهتيون هجن.
خوشي ملهائڻ ته فطري عمل آھ سمجهه ۾ اچي ٿو پر ڪنهن جا ٿورا مڃڻ تعريفن جا پل ٻڌڻ گهٽ ۾ گهٽ مونکي سمجهه ۾ نه ايندو آھ . ڇو ته ٿورو ان لاء مڃبو آھ جڏهن ڪا شي اوهانجو حق نه هجي . پر ڪٿان عنايت ٿئي يا ڪير توهان جي مشڪل گهڙي ۾ مدد ڪري اهو ان شخص جو احسان آھي ۽ احسان ضرور مڃجي پر هتي ته.....حقيقت ۾ ترقي هر ملازم جو حق آه اهو ملڻ گهرجي. رياست جو فرض آه ته هرڪنهن جي حقن جو تحفظ ڪري .قابليت مطابق کيس ترقي به ملي.
ٿي سگهي مان غلط هجان.
منهنجي پوري سروس ۾ ڇهه ڀيرا گريڊ ۾ ترقي ۽ هڪ ڀيرو ٻن اسڪيلس جي تنزلي ٿي آھ. ايئن ڪٽ سٽ سان چار ڀيرا ترقي ملي آھ. جيڪا ترقي ملي اها منهنجو حق هو پر چڱي جي اميد ۾ تنزلي مون خود قبول ڪئي. ڪنهن طرف کان ڪا جزا سزا نه هئي. گريڊ جي ترقي هن کان اڳ ۾ ايترو سيليبريٽ نه ڪئي ويئي آهي جيترو هن ڀيري ٿي آهي. شايد گهڻي انتظار بعد مليل شيء جو ذائقو وڌيڪ سٺو هوندو آه. جيئن روزي بعد افطاري جو مزو پنهجو آه. اسانجي ترقي به ڪجهه اهڙي طرح ٿي آھ.
هن دور ۾ ترقي ڪيئن ملي ٿي سڀ ٻاخبر آهن پر استاد بخاري چواڻي..
حقيقت ٻياني گلا ٿي پوي ها
حقيقت ڪلامي ثنا ٿي پوي ها
ڪجي ڪيئن استاد ڪيڏانهن وڃجي
حقيقت پسندي خطا ٿي پوي ها.
مان ته 16 گريڊ ۾ ترقي لاء ڊائريڪٽوريٽ کان سيڪريٽريٽ تائين پنڌ ڪيا آهن. پورا چار سال آفيسن ۾ ڌڪا کاڌا ڪٿي به ڪا شنوائي نه ٿي. ڇو ته جمهوري دور کي لفافو ۽ چٽ گهربل هوندو آھ. اڳي مون وٽ اهي ٻئي شيون ناپيد رهيون. هاڻي به ناهن پر دوستو ڇا ڪريون ٿڪي پيا آهيون . چوندا آهن ته جهڙو واء لڳي ان کي پٺ ڏجي.
34 سال نوڪري ۾ 30 سال ايئن گذريا ڄڻ 3 سال مس ٿيا هجن. سروس ڪڏهن بوجھ محسوس ٿي نه زندگي. تنزلي بعد ترقي لاء انتظار جا هي چار سال 40 سال محسوس ٿين ٿا. اڌ صدي ته اک ڇنڀ ۾ گذاريم پر ٺپي وارن چئن سالن زندگي جو چارم ئي ختم ڪري ڇڏيو اهي. مان پنهنجي ٽيچنگ ڪيريئر ۾ ڪنهن مجبوري سواء ڪڏهن به ريزڪي موڪل نه ورتي. جهڙو به حال هو پنهنجي پروفيشنل لائيف جي ڪپڙي کي داغدار نه ڪيوسين سفيد رکڻ ۾ ڪامياب رهياسين پر هنن چئن سالن حتي الامڪان ڪوششن جي باوجود سڄو پانڌ پسائي ڇڏيو. جن کي ڪڏهن کنگهيو ئي نه اهي به آڱر کڻڻ لڳا. اها زندگي جي وڏي ستم ظريفي رهي. پنهنجو پاڻ کي معاف ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.
مان پنهنجي پوري سروس ۾ بلاڪ ۾ وڃي نقل ڪرائڻ ۽ ٻارن جي گسائڻ خلاف رهيس. محنتي ٻار سدائين منهنجي دل ۾ رهيا ۽ اڄ به آهن . انهن سان بي انتها پيار ۽ احترام جو رشتو اڄ به قائم آه. ڪمزور ٻار سدائين مرڪز نگاه رهيا هرممڪن ڪوشش ڪيم ته انهن کي بهتر تعليم سان گڏ تربيت ملي. ڪاميابي ڪيتري ملي اهو اندازو ناهي. پر ضمير ضرور مطمئن آهي ته پنهنجي حال آهر پوري ڪوشش ڪيم. ها! ڪڏهن به ڪنهن گسائڻ واري جو امتحاني فارم نه ڀريم . ڪيترائي ويجھا دوست ۽ ڪليگ دل ۾ ناراض ٿيا هوندا پر پوء درگذر ڪيو هوندو. پنهنجي ٻارن کي به اها شڪايت رهي ته سڀ استاد پنهنجن ٻارن کي نقل ڪرائي سٺا نمبر کڻائڻ ۾ مدد پيا ڪن پر اسان جي مدد ڇو نٿي ٿئي. مان انهن جي شڪايت کلي ٽاري ڇڏيندو هئم .هاڻي انهن کي احساس ٿئي ٿو پر ويل وقت ورائڻ ڏاڍو ڏکيو آھ.
هاڻي اهو سڀ ماضي جو قصو آھ. حال بي حال ڪري ڇڏيا آهن. جيئن اسانجي سياستدا نن جو تڪيو ڪلام آه ته ملڪ نازڪ دور مان پيو گذري ايئن اسان جي ڪيريئر جو پڇاڙڪو دور به نازڪ آھ. اسان هن وقت نازڪ دور مان گذرون پيا. جيڪي ڪرڻ چاهيون ٿا ان جو موقعو ناهي .جيڪو ڪرڻ لاء ميسر آه اهو ڪرڻ لاء ضمير اجازت نٿو ڏي.
پروموشن ملڻ تي ڪافي دوستن اسٽيٽس رکيا ته ٽيگ به ڪيا ميسيج ۽ فون ڪيا . تمام دوستن نيڪ تمانئن جو اظهار پڻ ڪيو. ڏاڍي خوشي ٿي.
سوچيم، ڪجهه نه ڪري سگهڻ /ڪرڻ لاء موقعو نه ملڻ تي ترقي به ملي ٿي ته نيڪ تمنائون به آهن. هتي مالي فائدي کي ئي هر ماڻهو خوشي سمجهي ٿو. ورنہ اسان جنهن پيشي سان سلهاڙيل آهيون ان پيشي جو ڪو تقدس رهيو آھ نه ئي تڪريم. هڪڙي مشق آه جيڪو هر سال ورجائي وڃي ٿي. صرف داخلا ۽ امتحان. ٻار پڙهڻ لاء تيار ناهي. معلمن جي اڪثريت پڙهائڻ لاء تيار ناهي. ادارن ۾ ايڏي جمهوريت آھ جو استاد ٻار ٻئي آزاد آهن ڪير ڪنهن کي ڪجهه چئي نٿو سگهي. ادارن جا منتظم ايترا مجبور يا محصور آهن جو ڪير وقت تي اچي يا نه ان جو صوابديد آهي.ٻار داخل ٿئي پوء ڀلي امتحاني فارم ڀرڻ وقت پاڻ اچي يا فوٽو موڪلي ڏي مرضي وارو آه. امتحان ۾ اپيئر ٿيڻ واري کي نقل ڪرائڻ يا مواد ميسر ڪري ڏيڻ استاد ۽ والدين جو فرض آه. هاڻي ته نقل ماڳهين آسان ٿي ويو آه .هڪ ڄنو پيپر حل ڪري واٽس ايپ گروپ تي موڪلي ته منٽن ۾ بورڊ جي تمام سينٽرن تي ميسر هجي ٿو. هن وقت نقل ٻار جو حق بڻجي چڪو آھ. استاد به اهو تسليم ڪري چڪا آهن. بنا تيل ۽ تيلي جي هن کان وڌيڪ اسان ڪيتري تباهي ٿا ڪري سگهون.؟
اسڪولس ۾ استاد منتظم يا منتظمين اعلي جو ڪو ڪردار باقي ناهي رهيو. اهڙين حالتن ۾ جي ترقي ملي ٿي ۽ ٻه پنج هزار پگهار وڌي ٿي ته ان سان قوم کي ڪهڙو فائدو ٿيندو.؟
دوست ناراض ٿيندا .ان لاء اڳواٽ معذرت ..
ڏسجي ته اسان بجاء معاشري جي تعمير جي تباهي بجاء ترقي جي نه چاهيندي به تنزلي جو سبب بنجي رهيا آهيون. اسان اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آه جوقوم اسان کي ريوارڊ پيش ڪري. يقينن تعليمي تباهي ۾ فلي طور اسانجو ڪردار ناهي پر اسانجي چشم پوشي. اسان جي خاموشي، اسان کي ڏوهاري قرار ڏيڻ لاء ڪافي آھ. اسان جيترو ذاتي مفادن جي حصول لاء هٿ پير هڻون ٿا ايترو بهتر درس وتدريس ۽ نقل روڪڻ لاء ڪوشش ڪريون ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهون پيا. باقي هڪ اڌ يا چند افراد ڪجهه نٿا ڪري سگهن . تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آھ. پوء به نااميد ناهيون .رات بعد ڏينهن ٿيڻو آھ. ڪينجهر ڪناري تي ڪوئي تماچي ضرور اچڻو آھ. انشاء الله

(کاش کہ یہ پوسٹ تمام لوگ پڑهیں، اور اسے آگے بهی پھیلائیں)یہ یاد ركھيے دنیا میں سب سے زیادہ اموات كولیسٹرول بڑھنے کی وجہ ...
24/01/2025

(کاش کہ یہ پوسٹ تمام لوگ پڑهیں، اور اسے آگے بهی پھیلائیں)

یہ یاد ركھيے دنیا میں سب سے زیادہ اموات كولیسٹرول بڑھنے کی وجہ سے ہارٹ اٹیک سے ہوتی ہیں.
آپ خود اپنے ہی گھر میں ایسے بہت سے لوگوں کو جانتے ہوں گے جن کا وزن اور كولیسٹرول بڑھا ہوا ھے.
امریکہ کی بڑی بڑی كمپنياں دنیا میں دل کے مریضوں کو اربوں کی دوا
(heart patients)فروخت کر رہی ہیں
لیکن اگر آپ کو کوئی تکلیف ہوئی تو ڈاکٹر کہے گا angioplasty (اےنجيوپلاسٹي) كرواؤ .اس آپریشن میں ڈاکٹر دل کی نالی میں ایک spring ڈالتے ہیں جسے stent کہتے ہیں.یہ stent امریکہ میں بنتا ہے اور اس کا cost of production صرف 3 ڈالر (روپیہ150یا180) ہے.
اسی stent کو پاک و ہند میں لاکر 3یا5 لاکھ روپے میں فروخت کیا جاتا ہے اور آپ کو لوٹا جاتا ہے.ڈاکٹروں کو ان روپوں کا commission ملتا ہے ، اسی لیے وہ آپ سے بار بار کہتا ہے کہ angioplasty كرواؤ .
Cholestrol، BP ya heart attack
آنے کی اہم وجہ ہے، Angioplasty آپریشن. یہ کبھی کسی کا کامیاب نہیں ہوتا.كيونکے ڈاکٹر جو spring دل کی نالی میں رکھتا ہے وہ بالکل pen کی spring کی طرح ہوتی ہے.
کچھ ہی مہينوں میں اس spring دونوں سائیڈوں پر آگے اور پیچھے blockage (cholestrol اور fat) جمع ہونا شروع ہو جاتا ہے.اس کے بعد پھر آتا ہے دوسرا heart attack (ہارٹ اٹیک)
ڈاکٹر کہتا هے دوبارہ angioplasty كرواؤ .آپ لاكھوں روپے لٹاتے ھیں اور آپ کی زندگی اسی میں نکل جاتی ھے
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
اب پڑھیں اس آئرود کا علاج
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
ادرک (ginger juice) -
●●●●●●●●●●●●●●●●
اس خون کو پتلا کرتا ھے.
یہ درد کو قدرتی طریقے سے 90٪ تک کم کرتا هے.
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
لہسن (garlic juice)
●●●●●●●●●●●●●●
اس میں موجود allicin عنصر cholesterol اور BP کو کم کرتا ھے.
وہ دل کے بلوکج کو کھولتا ھے.
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
لیموں (lemon juice)
●●●●●●●●●●●●●●●●
اس میں موجود antioxidants، vitamin C اور potassium خون کو صاف کرتے ہیں.
یہ بیماری کے خلاف مزاحمت (immunity) بڑھاتے ہیں.
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
ایپل سائڈر سرکہ (apple cider vinegar)
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
اس میں 90 قسم کے عناصر ہیں جو جسم کے سارے اعصاب کو کھولتے ھیں، پیٹ صاف کرتے ہیں اور تھکاوٹ کو مٹاتے ہیں.
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
ان مقامی اشیاء (یعنی چیزوں) کو
اس طرح استعمال میں لایئں
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
1-ایک کپ لیموں کا رس لیں.
2-ایک کپ ادرک کا رس لیں.
3-ایک کپ لہسن کا رس لیں.
4 ایک کپ ایپل apple سرکہ
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
ان چاروں کو ملا کر دھيمي آنچ پر گرم کریں جب 3 کپ رہ جائے تو اسے ٹھنڈا کر لیں.

اب آپ
اس میں 3 کپ شہد ملا لیں .
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
روز اس دوا کے 3 چمچ صبح خالی پیٹ لیں جس سے سارے
ساری بلوکج ختم ہو جائیں گی . یعنی شریانیں کھل جائینگی . إن شاء اللہ .
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
آپ سب سے درخواست ہے کہ اس میسج کو زیادہ سے زیادہ نشر کریں تاکہ سب اس دوا سے اپنا علاج کر سکیں . جزاکم اللہ خیرا .
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
ذرا سوچیں کہ شام کے
7:25 بجے ھیں اور آپ گھر جا رہے ھیں وہ بھی بالکل اکیلے .
ایسے میں اچانک آپ کے سینے میں تیز درد ہوتا ہے جو آپ کے ہاتھوں سے ھوتا ہوا آپ
جبڑوں تک پہنچ جاتا ہے .

آپ اپنے گھر سے سب سے قریب ہسپتال سے 5 میل دور ہیں اور اتفاق سے آپ کو یہ سمجھ نہیں آ رہا کہ آپ وهاں تک پہنچ پائیں گے یا نہیں .
آپ نے سی پی آر میں تربیت لی ہے مگر وہاں بھی آپ کو یہ نہیں سکھایا گیا کہ اس کو خود پر استعمال کس طرح کرنا ہے .
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
ایسے میں دل کے دورے سے بچنے
کے لئے یہ اقدامات کریں
●●●●●●●●●●●
چونکہ زیادہ تر لوگ دل کے دورے کے وقت اکیلے ہوتے ہیں بغیر کسی کی مدد کے انہیں سانس لینے میں تکلیف
ہوتی ہے. وہ بے ہوش ہونے لگتے ہیں اور ان کے پاس صرف 10 سیکنڈ ہوتے ہیں
ایسی حالت میں مبتلا شخص زور زور سے کھانس کر خود کو عام رکھ سکتا ہے.
ایک زور کی سانس
لینی چاہئے ہر کھانسی سے پہلے
اور کھانسی اتنی تیز ہو کہ
سینے سے تھوک نکلے .

جب تک مدد نہ آئے یہ
عمل دو سیکنڈ کے وقفے سے دہرایا
جائے تاکہ دھڑکن عام
ہو جائے.
زور کی سانسیں پھیپھڑوں میں
آکسیجن پیدا کرتی ہے
اور زور کی کھانسی کی وجہ
دل سكڑتا ہے جس سے
خون سنچالن باقاعدگی سے
چلتا ہے.
●●●●●●●●●●●●●●●●●●●●
جہاں تک ممکن ہو اس پیغام کو سب تک پہنچائیں . ایک دل کے ڈاکٹر نے تو یہاں تک کہا کہ اگر ہر شخص یہ پیغام 10 لوگوں کو بھیجے تو ایک جان بچائی جا سکتی ہے.
●●●●●●●●●●●●●●●
●●●●●
آپ سب سے درخواست ہے
چٹكلے تصویریں بھیجنے کی بجائے
یہ پیغام سب کو بھیجیں

2006 Elementary college Mithi
12/12/2024

2006 Elementary college Mithi

28/09/2024

انتہائی معذرت اور ادب کے
ساتھ، تلخ حقائق۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
۔ " لڑائو اور حکومت کرو " یہ
انگریز حکمرانوں کی بنیادی پالیسی تھی۔
۔ برصغیر کی مذہبی تاریخ میں
ایک ایسا دور بھی تھا جب
نہ تو کوئی دیوبندی تھا اور نہ ہی کوئی بریلوی تھا۔
۔ انگریز سرکار نے اپنے دور حکومت میں مسلمانوں میں یہ تقسیم پیدا کرنے کے لئے نہ صرف اپنی پس پردہ سرپرستی میں مختلف تربیتی مراکز قائم کئے بلکہ باقاعدہ
نصاب پر مبنی کورسز متعارف کرائے اور سندیں دینے کا سلسلہ جاری رکھا۔
۔ ایک تربیتی مرکز میں اگر دیوبندی بندی نقطہ نظر کے علماء پیدا کئے جاتے رہے تو
دوسرے مرکز میں بریلوی مکتبہ فکر کے علماء کی کھیپ تیار کی جاتی رہی۔
۔ دونوں کو ایک دوسرے کے نقطہ نظر کو رد کرنے کے لئے
مختلف احادیث کو استعمال کیا جاتا رہا۔
۔ برصغیر کی تقسیم کے بعد، نقل مکانی کا ماحول بنانے کے لئے باقاعدہ جان بوجھ کر فسادات کرانے گئے۔
۔ سندھ میں نقل مکانی کرکے آباد ہونے والوں نہ جب یہاں کے مقامی لوگوں کو نئے سرے سے
مسلمان بنانے کا سلسلہ شروع کیا تو وہ بھی اپنے آپ کو بریلوی اور دیوبندی کی بنیاد پر تقسیم ہونے سے نہ بچا سکے۔
۔ پچاس کی دہائی میں ہم نے محروم کے مہینے میں جب بھارت سمیت نقل مکانی کرنے خاص طور پر بریلوی مکتبہ فکر سے جڑے ہوئے بچوں اور نوجوانوں کو لکڑی سے بنی ہوئی تلواروں اور تیروں سے ایک دوسرے کے ساتھ بچ بچاکے
لڑتے دیکھا تو سمجھ میں نہیں آ رہا تھا کہ یہ کس قسم کا تماشہ ہے۔ تعزیے ، اور دیگر
رسومات دیکھ کر حیرت زدہ ہو کر رہ گئے کہ یہ سب کچھ کیا ہے۔
۔ اور پھر دیکھتے دیکھتے 12 ربیع الاول کو بھی بچوں کو سجا کر، سجے ہوئے اونٹوں پر بٹھا کر جلوس نکالنے کا سلسلہ بھی شروع کر دیا گیا۔
۔ ایک دوسرے کے ساتھ مقابلہ بازی کا سلسلہ شروع کیا گیا۔
۔ ایک ہی روڈ کے ایک طرف
بریلوی مکتبہ فکر کے علماء تقاریر کرتے رہے تو اسی روڈ کی دوسری جانب دیوبندی مکتبہ فکر کے علماء ایک دوسرے کو رد کد کرنے کے لئے جذباتی انداز میں آگ برساتے رہے۔
۔ مختلف مقامات پر سرکاری اور نجی زمین پر قبضہ کرکے مدارس قائم کئے جاتے رہے۔
۔ محرم کے مہینے میں شروع شروع میں صرف ایک دن کی تعطیل کی گئی جو اب دو دن ہو رہی بلکہ حقیقت تو یہ ہے کہ
کبھی چپ تعزیے کے جلوس نکالے جا رہے ہیں تو کبھی چہلم کے دن جلوس نکالے جا رہے ہیں۔
اسی طرح ربیع الاول کے مہینے میں بھی ایک دن سے زیادہ ہی
تقاریب منعقد کی جاتی ہیں۔
۔ پورا سال یہ مقابلہ بازی جاری رہتی ہے۔
۔ برصغیر کی تقسیم سے پہلے بھی ہم سب مسلمان تھے، لوگ
مل کر مساجد میں نمازیں بھی ادا کرتے تھے، روضے بھی رکھتے تھے، تو قرآن پاک کی تلاوت بھی کرتے تھے، استطاعت والے حج کی سعادت حاصل کرنے کے لئے بھی جاتے تھے۔ لیکن بریلوی اور دیوبندی کی تقسیم سے محفوظ تھے۔ اولیاء کرام اور
بزرگوں کی مزارات پر حاضری کے لئے بھی جاتے تھے تو حاجات کے حصول کے لیے
دعائیں بھی مانگی جاتی تھیں،
لیکن اس طرح کی تقسیم اور فرقہ پرستی کا نام و نشان بھی نہیں تھا۔ مسلمان تو مسلمان،
دوسرے مذاہب، خصوصن ہندو
مذہب کے ماننے والے بھی مسلمان بزرگوں کے مزارات پر
بغیر کسی روک ٹوک کے جاتے تھے۔
۔ غربت نے بھی اس ماحول کو شدید طریقے سے متاثر کیا۔
۔ یہ کوئی پروپیگنڈہ نہیں ہے اور نہ ہی کسی کے خلاف تعصب کی بات ہے، بلکہ زمینی حقیقت ہے کہ ملک بھر، خصوصن پنجاب کے پسماندہ علاقوں سے بھی غربت اور بےروزگاری کی وجہ سے لاکھوں خاندان سندھ کے مختلف شہروں خصوصن کراچی میں آباد ہو گئے۔ ان ہی خاندانوں کے
نیم علماء نے پئسے کمانے کی خاطر دین اسلام کو ذریعہ معاش بنانے کا راستہ اختیار کیا۔ قرآن مجید پڑھانے کے عیوض پئسہ، نکاح پڑھانے کے عیوض پئسہ، غسل، دفن، کفن کے لئے پئسہ ہی پئسہ ، مذہب کو " ایزی پئسے " کا کاروبار بنا دیا۔ پرآسائش رہائش فری، معیاری زندگی مفت کی، کوئی پوچھنے والا نہیں۔ اور کیا چاہیے؟
۔ لڑائو، حکومت کرو کی پالیسی پاکستانی حکمرانوں نے بھی جاری رکھی اور اس سلسلے میں
ضیاء الحق نے بہت ہی بیدردی سے جس طرح فرقہ پرستی اور تقسیم در تقسیم کا بازار گرم رکھا، اس نے پورے ملک کے ساتھ ساتھ سندھ میں بھی دیرینہ روایتی رواداری کے مذہبی ماحول کو کافی نقصان پہنچایا۔
۔ حکمرانوں نے اپنے مفادات کی خاطر مذہبی خطیبوں کو استعمال کرتے ہوئے مسلح پراکسیز تیار کیں اور چند دین فروش نام نہاد علماء سے مل کر
" میثاق استعمال " بنایا اور بوقت ضرورت صحت مند سیاسی ماحول کو مفلوج بنانا کوئی مسئلہ ہی نہیں رہا۔
۔ تلخ حقیقت یہ ہے کہ دین اسلام کے ان نادان دعویداروں نے جتنا مذہب کا استحصال کیا ہے اس کی ماضی میں شاید ہی کوئی مثال ہو۔ اور تو اور احادیث اور قرآن پاک کی تعلیمات کو بھی اپنے اپنے گروہی ، طبقاتی اور کاروباری مفادات کی خاطر استعمال کرنے سے گریز نہیں کیا گیا۔
۔ سندھ میں یہ ناسور جان بوجھ کر پروان چڑھایا جاتا رہا ہے تاکہ حکمرانوں کے خلاف کوئی بھی منطم اور مشترکہ طاقتور مزاحمت سر نہ اٹھا سکے۔
۔ بھارت سے نقل مکانی کرنے والے نام نہاد علماء اور غربت سے تنگ آکر ملک کے دیگر حصوں خصوصن پنجاب کے پسماندہ علاقوں سے سندھ میں
آکر آباد ہونے والے، خصوصن مساجد اور مدارس اور مذہبی رسومات کی آڑ لینے والے عناصر نے سندھ کے عوام دوست سیکولر مزاج اور ماحول کو سخت متاثر کیا ہے۔
۔ بلوچستان میں بھی کوشش کی جارہی ہے لیکن ایک تو خود بلوچستان میں غربت اور بے روزگاری پہلے ہی بہت ہے اور دوسرا وہاں پہلے ہی وہاں کی مقامی آبادی اس سلسلے میں بہت چوکس ہو چکی ہے۔
۔ سندھ کے قدیمی یا مقامی باشندوں کو نہ تو بھارت سے نقل مکانی کرکے آنے والو سے کوئی تعصب یہ شکایت ہے اور نہ ہی بےروزگاری اور غربت کے ستائے ہوئے پنجاب کے مختلف اضلاع سے روزگار کے لئے آنے والے خاندانوں سے کوئی رنج اور گلا ہے لیکن جن رسومات اور جن عناصر نے سندھ کے عوام دوست سیکیولر مزاج اور ماحول پر منفی اثرات مرتب کئے ہیں، ان کی نشاندہی ضرور کرنی چاہئے۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

Address

Islamkot Tharparkar
Islamkot
69240

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when S.A.L.G.H.S.S Islamkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to S.A.L.G.H.S.S Islamkot:

Share