17/06/2026
سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن تعليم کاتي جي بجيٽ ۾ ٿئي ٿي.
جي ھا.. توھان حيران ۽ پريشان نہ ٿيو. ورلڊ بينڪ جي انگن اکرن موجب صرف 10 سالن ۾ پوري پاڪستان جي ٽنھي صوبن (پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان) جي صوبائي بجيٽ ملائجي تڏھن بہ صرف اڪيلي سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جي بجيٽ وڌيڪ آھي. پر ان جي باوجود پوري پاڪستان ۾ تعليم جي شرح سنڌ ۾ گهٽ آھي.
سنڌ جو تعليم کاتو آھي تہ الائي ڪنھن وٽ پر پرائمري ماستر کان پروفيسر ۽ ڪلارڪ کان ويندي ايجوڪيشن منسٽر تائين ھر ماڻھو سنڌ جي تعليمي تباھيءَ جو ذميوار آھي.