30/04/2026
هراسمينٽ رڳو ھڪ فرد، هڪ گهر جو قصو ناهي، اهو سنڌ جي هر ان گهر جو ڏک آهي جتي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڪتابن سان گڏ دعائون ڏئي يونيورسٽي موڪلن ٿا. اسان جا والدين پنهنجي نياڻين کي پڙهائڻ وقت اهو نه سوچيندا آهن ته علم جي جاءِ تي خوف به ويٺو هوندو. هو سمجهندا آهن ته ڪاليج روشنيءَ جو گهر آهي، استاد اعتماد جو نالو آهي، ۽ ڊگري مستقبل جو دروازو آهي. پر جڏهن ساڳيو دروازو دٻاءُ، بليڪ ميلنگ، هراسمينٽ ۽ خاموشيءَ جي اونداهي ڏانهن کلي ته پوءِ سماج کي پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي.
تعليمي ادارو اصل ۾ انسان کي آزاد ڪرڻ لاءِ هوندو آهي، پر اسان وٽ ڪيترين جڳهن تي ادارو اختيار جو قلعو بڻجي ويو آهي. جتي استاد استاد نه رهي، نمبرن، سفارش، خوف ۽ مستقبل تي ڪنٽرول ڪندڙ طاقت بڻجي وڃي ٿو. شاگرد خاص ڪري شاگردياڻي اتي صرف پڙهندڙ نه رهي، هوءَ هڪ اهڙي نفسياتي قيد ۾ ڦاسي وڃي ٿي جتي هر دروازي تي شرم، بدنامي، خاندان جو خوف، ۽ سماج جي زبان بيٺل هوندي آهي.
هراسمينٽ جو سڀ کان ظالم پاسو اهو آهي ته اهو جسم کان اڳ روح تي حملو ڪري ٿو. ماڻهو ٻاهر کان ساڳيو لڳندو آهي، ڪلاس ۾ ويهندو آهي، امتحان ڏيندو آهي، گهر وارن سان معمول جون ڳالهيون ڪندو آهي، پر اندر اندر ٽٽي رهيو هوندو آهي. هن کي لڳندو آهي ته جيڪڏهن ڳالهايان ٿي ته ماڻهو مون تي ئي سوال ڪندا. جيڪڏهن شڪايت ڪريان ٿي ته ادارو منهنجي ڳالهه بدران پنهنجي ساک بچائيندو. جيڪڏهن گهر ٻڌايان ٿي ته گهر وارا پريشان ٿيندا. جيڪڏهن خاموش رهان ٿي ته مان روز ٿورو ٿورو مرنديس.
نفسيات جي زبان ۾ هراسمينٽ صرف جنسي يا لفظي زيادتي ناهي، اها طاقت جو غلط استعمال آهي. جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي جي مستقبل، نمبرن، نوڪري، عزت يا سماجي حيثيت تي ڪنٽرول رکي ٿو، اهو جڏهن پنهنجي اختيار کي خواهش، انا يا انتقام لاءِ استعمال ڪري ٿو ته هو انسان نه، هڪ نفسياتي شڪاري بڻجي وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو اڪثر اتي پيدا ٿيندا آهن جتي احتساب ڪمزور هجي، جتي شڪايت ڪندڙ کي ئي مشڪوڪ بڻايو وڃي، جتي وڏو ماڻهو هميشه سچو ۽ ڪمزور هميشه ڏوهاري سمجهيو وڃي.
سوال اهو آهي ته ماڻهو اهڙو ڇو ڪندا آهن؟
ڪڏهن اندر جي بيمار انا کين اهو يقين ڏياريندي آهي ته سندن اختيار سندن ذاتي ملڪيت آهي. ڪڏهن پدرسري سماج کين سيکاريندو آهي ته عورت جي خاموشي ڪمزوري آهي. ڪڏهن ادارن جي بي حسي کين همٿ ڏيندي آهي ته ڪجهه به ڪيو، نالو بچي ويندو. ڪڏهن شاگردن جي مجبوري، والدين جي سادگي، ۽ سماج جي بدناميءَ جو خوف انهن لاءِ هٿيار بڻجي ويندو آهي.
پر هتي اصل ڏوهه صرف هڪ فرد جو نه هوندو آهي. اصل ڏوهه اهو ماحول به ڪندو آهي جيڪو پهرين شڪايت تي جاڳڻ بدران آخري سانحي کانپوءِ نوٽيس وٺندو آهي. اصل ڏوهه اها انتظاميا به ڪندي آهي جيڪا ادارو بچائڻ لاءِ شاگرد کي اڪيلو ڇڏي ڏيندي آهي. اصل ڏوهه اهو سماج به ڪندو آهي جيڪو مظلوم جي ڪردار تي بحث شروع ڪري، ظالم جي اختيار تي سوال نٿو ڪري.
احتياط صرف نياڻين کي نصيحت ڪرڻ جو نالو ناهي. اصل احتياط ادارن کي جوابده بڻائڻ آهي.
هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ آزاد هراسمينٽ ڪميٽي هجي، جنهن ۾ عورتون، نفسياتي ماهر، قانوني ماڻهو ۽ ٻاهريان غير جانبدار ميمبر شامل هجن. شڪايت ڪندڙ شاگردياڻي جو نالو، عزت ۽ تعليمي مستقبل محفوظ رکيو وڃي. هر شڪايت تي ٽائيم لائين سان ڪارروائي ٿئي. استاد ۽ انتظاميا کي واضح پيغام هجي ته اختيار خدمت لاءِ آهي، شڪار لاءِ نه. شاگردن لاءِ ڪائونسلنگ سينٽر هجن، جتي هو خوف کانسواءِ ڳالهائي سگهن. والدين ڌيئرن سان اهڙو رشتو رکن جو ڌيءَ ڏک لڪائڻ بدران سچ ٻڌائي سگهي. ۽ سماج کي اهو سکڻو پوندو ته هراسمينٽ تي ڳالهائيندڙ ڇوڪري بدنام نه، بهادر هوندي آهي.
اهڙا واقعا اسان کان صرف انصاف نٿا گهرن، اهي اسان کان ضمير جي نئين تربيت گهرن ٿا. اسان کي پنهنجن تعليمي ادارن کي عمارتن مان انسانيت ۾ بدلائڻو پوندو. ڇو ته جتي علم جي جاءِ تي خوف ويهي وڃي، اتي ڊگريون ته ملي سگهن ٿيون، پر سماج جاهل ئي رهي ٿو.
آخر ۾ ڳالهه ايتري سادي آهي
نياڻيءَ کي خاموشي نه سيکاريو، سماج کي شرم سيکاريو.