University of Sindh Laar Campus Badin

University of Sindh Laar Campus Badin only for criculated

26/11/2025
02/12/2024

لاڙ ڪيمپس ۾ بي ايڊ (1.5 سال) پروگرام ۾ داخلا جا خواهشمند پنهنجون درخواستون ڪيمپس ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.

سنڌ يونيورسٽي جي سڀني ڪيمپسز ۾ 2025 جي تعليمي سال لاءِ داخلائون جاري آهن.لاڙ ڪيمپس بدين ۾ BBA, ڪمپوٽر سائنس، ڪامرس ۽ انگ...
28/08/2024

سنڌ يونيورسٽي جي سڀني ڪيمپسز ۾ 2025 جي تعليمي سال لاءِ داخلائون جاري آهن.

لاڙ ڪيمپس بدين ۾ BBA, ڪمپوٽر سائنس، ڪامرس ۽ انگلش لينگوج اينڊ لٽريچر جي چئن سالن واري بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلائون جاري آهن، انٽر پاس شاگرد هن پروگرام ۾ داخلا جي لاءِ اهل آهن.

جن شاگردن وٽ اي ڊي (14 سال تعليم) آهي، اهي سڌي ريت ٽئين سال ۾ داخلا جا اهل هوندا. اهي صرف 2 سالن ۾ پنهنجي ڊگري مڪمل ڪندا.

انهي کان علاوهه لاڙ ڪيمپس بدين ۾ بي ايڊ شام واري ويڪ اينڊ پروگرام ۾ پڻ داخلا جاري آهي. هي 1.5 يعني ڏيڍ سال جو پروگرام آهي. انهي ۾ جن شاگردن وٽ 16 سال تعليم مڪمل آهي، اهي داخلا وٺي سگهن ٿا، پر 14 سال تعليم وارا شاگرد بي ايڊ جي هن پروگرام ۾ داخلا جا اهل نه هوندا.

20/02/2023

All those students who applied for transfer of admission from the Jamshoro Campus to Badin campus are informed that their merit list has been published. They are informed to pay their fees before 24 February and submit their documents at Laar Campus Badin, Besides, They are also informed to attend their classes from Monday 20 February 2023.

29/01/2023

ڄامشورو ڪيپمس کان لاڙ ڪيمپس ۾ داخلا جي لاءِ TC جون درخواستون گهرائجن ٿيون

بدين ضلع جو ڊوميسائيل رکندڙ جن شاگردن سنڌ يونيورسٽي مين ڪيمپس ڄامشورو ۾ داخلا جي لاءِ فارم ڀريو هو، پر کين سندن پسند جو ڊپارٽمينٽ ڪونه ملي سگهيو يا ڪنهن به ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ڪونه ٿي سگهي آهي، اهي اميدوار سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين جي ڪامرس، بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽر سائنس ۽ انگريزي ڊپارٽمينٽ جي ليفٽ اور سيٽن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي داخلا لاءِ پنهنجون درخواستون لاڙ ڪيمپس بدين ۾ 2 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. اها ڳالهه واضع رهي ته بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ داخلا جي لاءِ انٽر ڪلاس بي گريڊ ۾ هجڻ لازمي آهي.

خواهشمند اميدوار درخواست ڏيڻ جو پروفارما لاڙ ڪيمپس تان حاصل ڪري انهي سان گڏ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ داخلا فارم جي ڪاپي شامل ڪري لاڙ ڪيمپس بدين ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.

نوٽ مٿين سڀني ڊپارٽمينٽس ۾ سيلف فنانس جي بنياد تي داخلا وٺڻ جي لاءِ خواهشمند اميدوار پنهنجون درخواستون پڻ لاڙ ڪيمپس ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.

ٿرڊ لسٽ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، ڪلاسن جو باقاعدهه آغاز ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر طفيل چانڊيو

25/01/2023

#سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ ٻئين ميرٽ لسٽ جاري، چالان اي پورٽل تان سڀاڻي کان دستياب هوندا: داخلا فيس جي تاريخ 28 جنوري مقرر: ڊائريڪٽر ايڊميشنز پاران فنڊس ٽرانسفر، ايزي پئسا يا جيز ڪيش ذريعي فيس جمع نه ڪرائڻ جي صلاح: فيس صرف حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ، ايڇ بي ايل موبائيل ايپ يا ڪونيڪٽ ذريعي جمع ڪرائي وڃي: ڊائريڪٽر ايڊميشنز جي اميدوارن کي صلاح.

#ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پرگرامن ۾ داخلائن لاءِ ٻئين ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته چالان چونڊيل اميدوارن جي اي پورٽل تي سڀاڻي (25 جنوري) کان جاري ٿي ويندا. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب ٻئين ميرٽ لسٽ تحت چونڊيل اميدوار سڀاڻي 25 جنوريءَ کان پنهنجي اي پورٽل تان چالان ڊائون ڪري داخلا فيس جمع ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائي موجب داخلا فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 28 جنوري مقرر ڪئي ويئي آهي، جنهن بعد اميدوار 30 جنوريءَ تائين پنهنجا گهربل تعليمي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا. پڌرائيءَ موجب داخلا فيس حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جڏهن ته ايڇ بي ايل موبائيل ايپ ۽ ڪونيڪٽ ذريعي پڻ فيس جمع ڪرائي سگهجي ٿي. هن اميدوارن کي صلاح ڏني ته ڪنهن ٻي بئنڪ مان فنڊس ٽرانسفر، ايزي پئسا يا جيز ڪيش ذريعي فيس هرگز جمع نه ڪرائي وڃي.

16/11/2022

ھڪ اهم اطلاع

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلرس ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ورتل پري انٽري ٽيسٽ جا ٻئي مرحلا خير سان مڪمل ٿي وڃڻ بعد ھاڻي حيدرآباد سميت مختلف تعليمي بورڊن جي انٽرميڊئيٽ جي نتيجن جي اعلان جو انتظار ڪيو پيو وڃي. جيئن ئي سمورا تعليمي بورڊ انٽرميڊئيٽ جي نتيجن جو اعلان ڪندا ته اميدوارن کي داخلائن لاءِ چوائيسز ڏيڻ جو موقعو ميسر ڪيو ويندو، جنھن بعد ھو پنھنجي اي پورٽل تي وڃي پنھنجا چوائيسز لکي سگھندا. ان مرحلي کانپوءِ خير سان پھرين عارضي ميرٽ لسٽ لڳائي ويندي، ٻن ڏينھن جو وقت اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ مخصوص ھوندو. ان کانپوءِ داخلا لاءِ اميدوار پنھنجي في جمع ڪرائي سگھندا. اھڙيءَ طرح ٻي ۽ ٽئين لسٽ پڻ لڳائي ويندي. داخلائون 100 سيڪڙو ميرٽ ۽ انصاف جي بنياد تي ڏنيون وينديون. ان ڏس ۾ ڪنھن بہ اميدوار کي پريشان ٿيڻ يا سفارش لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ جي قطعي ضرورت ناھي. جھڙيءَ ريت سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر انٽري ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد نتيجا چند ئي ڪلاڪن ۾ شفاف انداز ۾ جاري ڪيا، تھڙيءَ ريت ميرٽ لسٽون به نج ميرٽ جي بنياد تي ٺھنديون. اميدوار ڪنھن جي به ڌوڪي ۾ نه اچن. ڪو به ماڻھو ڀلي يونيورسٽي جو ملازم ھجي يا ٻاھر جو ھجي، ڪنھن کي به داخلا نٿو وٺرائي ڏئي سگھي، اھا ڳالھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي. ھن وقت تائين داخلائن جو عمل شروع نه ٿيڻ جو ڪارڻ صرف ۽ صرف تعليمي بورڊن طرفان انٽرميڊئيٽ جا نتيجا جاري ڪرڻ ۾ دير کانسواءِ ڪجھ نہ آھي. موقعي پرستن کان ھوشيار رھڻ ۽ افواھن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ناھي.
دوستو! ڪجھ شرپسندن پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلائن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن، جن تي ڌيان نه ڌريو وڃي.....

پاران

ترجمان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

Address

Badin
72200

Opening Hours

Monday 00:00 - 15:00
Tuesday 10:00 - 15:00
Wednesday 10:00 - 15:00
Thursday 10:00 - 15:00
Friday 10:00 - 15:00

Telephone

+92297920083

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when University of Sindh Laar Campus Badin posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to University of Sindh Laar Campus Badin:

Share