Department of Sindhi UoS

Department of Sindhi UoS Department Of Sindhi

سنڌي ٻولي، خطرا،موقعا ۽ تجويزونآن لائين مباحثوسنڌيءَ ۾ گرامر نويسيءَ جا مسئلا، تجويزون ۽ حلاربع 20 مارچ 2024ع، منجهند 12...
18/03/2024

سنڌي ٻولي، خطرا،موقعا ۽ تجويزون
آن لائين مباحثو
سنڌيءَ ۾ گرامر نويسيءَ جا مسئلا، تجويزون ۽ حل
اربع 20 مارچ 2024ع، منجهند 12 وڳي

ٿر جي هڪڙي جهوپڙي ۾ جنم وٺندڙ هن يتيم ٻار جي شاعريءِ جيڪڏهن شيخ اياز پڙهي ها ته شايد ساھَ جي آخري هچڪي وقت هو اهو ضرور چ...
13/03/2024

ٿر جي هڪڙي جهوپڙي ۾ جنم وٺندڙ هن يتيم ٻار جي شاعريءِ جيڪڏهن شيخ اياز پڙهي ها ته شايد ساھَ جي آخري هچڪي وقت هو اهو ضرور چوي ها ته منهنجي وڃڻ تي مايوس نہ ٿيو مون کان پوءِ حليم باغي ويٺو آهي..!

عبدالواحد آريسر

سنڌ جي عظيم آدرشي انسان سائين حليم باغيءَ کي جنم ڏڻ جون واڌايون

پريس رليزاسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي پاران  ڪامرس شُعبي جي آڊيٽوريم ۾ نون آيل شاگردن جي مانُ ۾ ڀليڪار پارٽي ۽ بسن...
08/03/2024

پريس رليز
اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي پاران ڪامرس شُعبي جي آڊيٽوريم ۾ نون آيل شاگردن جي مانُ ۾ ڀليڪار پارٽي ۽ بسنت مشاعرو ٿي گذريو
پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي.
پروگرام جو آجياڻو اسٽڊي سرڪل جي صدر مير سردار چنڙ پاران ڏنو ويو، ، تنھن بعد اسٽيج ڊرامو پڻ ڪيو ويو. جنهن ۾ شاگردن پاڻ ملهايو. ان ۾ آخري سال جي شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيو جيڪو نياڻين جي حق لاءِ ھو جنھن ۾ معاشري جي تصوير پيش ڪئي جتي نياڻيون قيد ھونديون آھن ۽ مرڻ سون مثل ھوندو آھي.
ان کان پوءِ اسلم درس ڳالھائيندي چيو تہ ھي شعبو اسان جي علمي ۽ ادبي تعليم جو مورچو آهي سنڌي شعبو ھڪ ماڻھون کي مڪمل انسان ٺاھي ٿو .
سجاد بروهي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌي شعبو اسان کي پيار محبت ڪرڻ سيکاري ٿو ء شعور ڏيندڙ آھي .
پروگرام ۾ قمر الدين سولنگي، غلام علي خاصخيلي، آدرش ڀيل پاران گانا ڳائي ويٺلن ۾ جھومائي ڇڏيو.
پروگرام ۾ مھمان محترم ڊاڪٽر حسين مسرت ڳالهائيندي چيو تہ ھي شعبو اسان جي ٻولي جو شعبو آھي اسين فخر ٿا ڪيون تہ ھي ٻولي موھن جي دڙي جي ٻولي آھي اسان جي ٻولي تڏهن قائم رھندي جڏھن اسان پنھنجي ٻولي ۾ لکندا پڙھندا ۽ ڳالهائينداسون ان کان وڏيڪ چيو تہ اوھين نوڪري لاءِ نہ پر شعور لاءَ پڙھو. ڊاڪٽر نواب ڪاڪا نون آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪئي ۽ وڌيڪ چيو تہ ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪو بہ شعبا بيٺا آھن انھن ۾ سنڌي شعبو اڳڀرو رھيو آھي ۽ ذميواريون سنڀاليون آھن
ڊاڪٽر ريحانہ نظير ڳالهائيندي چيو تہ اسان استاد صرف ھڪ ذريعو آھيون جيڪو رستو ڏيکاريون ٿا وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ عشق انسان جو جزبو آھي جيڪو منزل تي پھچائيندو آھي.
ڊاڪٽر فياض لطيف ڳالهائيندي چيو تہ يونيورسٽيءَ توھان کي اھڙيون ترڪيبون ڏيندي آھي جنھن سان اڳتي ھلي ذميواريون سنڀالڻ سکي ٿو ھتي اچي لڪيل صلاحيتون ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي
بسنت مشاعري ۾ سنڌي شعبي جي شاگردن پنهنجي قومي، مزاحمتي ۽ مجازي شاعري پيش ڪئي، جھن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري سائين ڊاڪٽر احسان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا ڪئي. مشاعري ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف، نشاء ڪنول، ڊاڪٽر فياض لطيف، مھراڻ ايڊيٽر نجمه پنھور ، اي بي درس، شھزاد جويو، امنگ آزادي، سھائي سنڌو، زويہ ٻٻر، اويس مظھر، امان گل پنھور، قيدي منٺار، سميت ٻين شاگردن ۽ توڙي شاگردياڻين پنهنجي شاعري پڙهي داد حاصل ڪيو.
پروگرام جي ڪاروائي علي نواز سومرو، انسہ کوکر، ڪنيز فاطمه درس ۽ ڪمال الدين انڙ ھلائي.
پروگرام ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا ، عورت اڳواڻ حسين مسرت ، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر فياض لطيف ، ڊاڪٽر ريحانه نظير ،نوشين اڄڻ، سائين آدرش ٿھيم، مھراڻ رسالي جي ايڊيٽر ميڊم نجمه پنھور، غلام رسول سوڍر ، نادر، نوحاڻي ، اويس مظھر سمون، شھزاد جويو، پروفيسر امداد مھيسر، نشاء ڪنول، سردار چنڙ ، طاھر عطا دل، نديم چانگ، احمد حسن، وسيم ملنگي، اقصہ سميجو، ڪنيز فاطمہ، انسہ کوکر ، رابعه رحيم ۽ ٻين وڏي انگ ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

02/03/2024

ھي ھٿ ھٿوڙا اڄ به اٿئي ۽ دنيا ڏاري ٿي سگھجي
شيخ اياز

Happy birthday Shaikh Ayaz♥️An absolute legend poet of Sindh💞ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون.مياڻي به مه...
02/03/2024

Happy birthday Shaikh Ayaz♥️
An absolute legend poet of Sindh💞

ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،
ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون.

مياڻي به مهڪي مڇيءَ ڇٽ ۾،
مسافر اهو آه منهنجو وطن.

نه 'خسروءَ' ڏٺو هو نه 'غالب' ڏٺو،
غزل در غزل آه پنهنجو چمن.

اها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ،
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن.

انهيءَ تي اسان جي خدائي کٽي،
نه فردوس بهتر، نه باغ عَدن.

جڏهن 'ڪُن' چيائون، اسانکي ملي،
اهائي ته ڌرتي، اهوئي ته ڌَنَ.

گوالي نه گوپيءَ ڏٺي هيئن ڪا،
ڏسي جي ته ساري نه بنسي نه بنُ.

انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا،
انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.

مسافر! رڳو نم جي ڇانوَ ۾،
اچي ويھ مون سان، ڪڏهن ٺار من.

ته ڄاڻين ته هن ديس ۾ آه ڇا،
ته سمجھين ته ڇا تي ٿيو من مگن.

هتي ڪڻڪ ۾ سنگ سونا ٿين،
هتي ڌرتتيءَ کي روپهري بدن.

هتي هار پوئي اتر جي هوا،
هتي ريت جو هر ڪڻو آ رتن.

جڏهن ٿو وسي مينهن جي مند ۾،
لڳاتار موتي ڇڻي روز ڇن.

جڏهن سنڌ تي سُرمئي راتڙيون،
کسي ننڊ نيڻان اسان جي گگن.

ڏسي چيٽ جو چنڊ آڪاسَ ۾،
اسان کي اچي ياد پنهنجو سجن.

هتي گيت جيتي ويو موت کي،
تنبورو هيو يا ڀٽائيءَ جو تن.

انهيءَ کي اُڏائي وئي ڇو هوا،
پپل مان ڇڻي جو پيو ڪالھ پنُ.

اُٺي جي هوا آ، ٿڌا ساه آ،
الا جھڙ ٿيو مارئي جو ڪفن.

چنيسر به، دودو به منهنجو ميان!
چوان آءٌ ڪيسين انهن جو چلن.

ڪهاڙي ڏيان ڏوهُ ڪهڙو اياز!
ڪپي جڙ اسان جي ويو ڪالھ ڳنُ…!

(شيخ اياز)

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ڇھين کان ڏهين درجي جي سنڌي ڪتابن تي اڀياسي ويھڪ 9 مارچ 2024ع ڊاڪٽر بلوچ هال، سنڌي ٻوليءَ ج...
28/02/2024

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

ڇھين کان ڏهين درجي جي سنڌي ڪتابن تي اڀياسي ويھڪ
9 مارچ 2024ع
ڊاڪٽر بلوچ هال، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

اڀياسي ويھڪ لاء هيٺئين لنڪ تي وڃي داخلا ڪرائيندا.

https://sl.sindhila.org/forms/detail/darsi-kitab-workshop

سنڌي ادب ۾ ايم فل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ دوستن لاء هڪ سٺو موقعو.
25/12/2023

سنڌي ادب ۾ ايم فل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ دوستن لاء هڪ سٺو موقعو.

14/11/2023

منھنجا وڏڙا اڻ پڙهيا پر ڏيھہ جا ڏاتار ها،
کوهَہ کوٽڻ، وڻَ لڳائڻ جو ڪندا ڪم ڪار ها،

ڏور کان ڪڪرن جو جيڪر قافلو ڏسندا هئا،
ڪَنَ کاٻي تي رکي هٿ ڳائيندا ملھار ها،

منھنجي وڏڙن جا وطن جي وچ تي گهرڙا هئا،
خوب وڙهندا ها جڏهن ٿيندا وطن تي وار ها،

ٽِنِ پِيڙهين کان رهيا ٿي ڪُجهہ مُھاڻا شهر ۾،
اڄ به جن جي ڳالھڙين ۾ رڇ، بتيلا، ڄار ها،

ننڍپڻ جي ڳنڍِ کي کولي ڏٺم! ڇا ٿي ڏٺم؟
انب جو وڻ، ڪجهہ پکي ۽ ڳوٺ جا سڀ ٻار ها،

هڪ دفعي اوطاق تي جوڳي بکايل ها رسيا،
هُو ڀٽائي جا وڏا ڄاڻو هئا - ٽي چار ها،

(جھانگير ڏاهري)

سڀاڻي 10 وڳي سنڌ الاجي ۾ محقق، اديب، شاعر ۽ شيخ اياز جي شارح ڊاڪٽر فياض لطيف سان رهاڻ ٿي رهي آهي. سڀني ساڃاه وند دوستن ک...
14/11/2023

سڀاڻي 10 وڳي سنڌ الاجي ۾ محقق، اديب، شاعر ۽ شيخ اياز جي شارح ڊاڪٽر فياض لطيف سان رهاڻ ٿي رهي آهي. سڀني ساڃاه وند دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

نامياري شاعر مترجم ۽ محقق سائين ڊاڪٽر فياض لطيف سان ادبي رهاڻ ۾ ناليوارا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا ۽ پنهنجا ويچار ونڊيندا س...
14/11/2023

نامياري شاعر مترجم ۽ محقق سائين ڊاڪٽر فياض لطيف سان ادبي رهاڻ ۾ ناليوارا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا ۽ پنهنجا ويچار ونڊيندا سنڌ سرهاڻ ادبي فورم پاران سنڌ الاجي هال ۾ ڪوٺايل هن تقريب ۾ اوهان کي شرڪت دعوت ڏجي ٿي .
15نومبر تي اسان جون اکيون اوهان جي اوسيئڙي ۾ هونديون .

سنڌي شعبي جي آخري سال جي شاگردن جو آخري ٽوئر
10/11/2023

سنڌي شعبي جي آخري سال جي شاگردن جو آخري ٽوئر

Address

Hyderabad

Telephone

+923132322972

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Department of Sindhi UoS posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to Department of Sindhi UoS:

Share