University of Sindh Jamshoro

University of Sindh Jamshoro Sindh University Jamshoro Unofficial page

سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو جي بيچلر ڊگري پروگرام م داخلا جي حوالي سان رجسٽريشن اڄ کان شروع ٿي وئي*جيڪي شاگرد ء شاگردياڻيون ...
12/08/2026

سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو جي بيچلر ڊگري پروگرام م داخلا جي حوالي سان رجسٽريشن اڄ کان شروع ٿي وئي

*جيڪي شاگرد ء شاگردياڻيون انٽرميڊئيٽ پاس ٿيل آھن ء اگر سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو م داخلا وٺڻ جا خواهشمند شاگرد ء شاگردياڻيون آھن اھي اڄ کان سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو جي داخلا لاءِ رجسٽريشن ڪري سگھن ٿا*

`Apply link:-🖇️`??

University of Sindh, Jamshoro – Admissions 2027🔹 Bachelor’s Degree Programs🔹 BS 3rd Year / 5th Semester Programs🔹 Master...
12/08/2026

University of Sindh, Jamshoro – Admissions 2027

🔹 Bachelor’s Degree Programs
🔹 BS 3rd Year / 5th Semester Programs
🔹 Master’s Degree Programs
🔹 Programs at various University campuses

*Registration for Admissions 2027 is opening*

Apply Online: admission.usindh.edu.pk

Last Date for Online Registration: 11-Sep-2026

ايڇ اي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر وچ ۾ مستحق شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه...
05/08/2026

ايڇ اي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر وچ ۾ مستحق شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه، سنڌالاجي ميوزيم جو دورو

ڄامشورو (پ ر) هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) اسلام آباد جي هيومن ريسورس ڊولپمينٽ (ايڇ آر ڊي) واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عائشه اڪرام جي اڳواڻي ۾ ايڇ اي سي جي ٻه رڪني وفد سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام ۽ ايڇ اي سي جي ٻين اسڪالرشپ پروگرامن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. وائيس چانسلر جي آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران مستحق، ذهين ۽ مالي طور ڪمزور شاگردن کي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پروگرامن تي عملدرآمد، انهن بابت شاگردن کي آگاهي ڏيڻ، شفافيت ۽ مستقبل ۾ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڊاڪٽر عائشه اڪرام سان گڏ ايڇ اي سي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر دارا شڪوه پڻ موجود هو. وفد وائيس چانسلر سان مالي سهائتا جي خواهشمند شاگردن کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اداري جي مضبوط بڻايل نظام بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) سنڌ يونيورسٽي ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن جي داخلائن ۽ سنڌ جي ڏورانهن، پٺتي پيل ۽ معاشي طور ڪمزور علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. ھن چيو ته يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو هڪ وڏو انگ اهڙن خاندانن سان تعلق رکي ٿو، جيڪي مالي طور ڪمزور آهن ۽ پنهنجي تعليم جاري رکڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ٻين مالي سهائتن تي ڀاڙين ٿا. ھن اعليٰ تعليم تائين سڀني جي هڪجهڙي رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايڇ اي سي جي ڪوششن کي ساراهيندي مطالبو ڪيو ته پٺتي پيل ۽ غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي وڏي انگ کي تعليم فراهم ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ جو تعداد وڌايو وڃي. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قمرالدين نانگراج يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي انتظام ۽ ورڇ واري شفاف نظام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن وفد کي اسڪالرشپ جي اشتهارن کان وٺي درخواستون وصول ڪرڻ ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ، شاگردن جي دستاويزن ۽ قابليت جي تصديق، انٽرويوز، اميدوارن جي چونڊ، مالي سهائتا جي رقم جاري ڪرڻ ۽ رڪارڊ محفوظ رکڻ تائين سموري عمل بابت آگاهي ڏني. ايڇ اي سي جي وفد مستحق شاگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اسڪالرشپ جي درخواستن جي عمل کي شفاف بڻائڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ھيڪ اسلام آباد ۽ سنڌ يونيورسٽي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، اداري جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ موجوده توڙي مستقبل جي اسڪالرشپ پروگرامن ذريعي شاگردن لاءِ مالي سهائتا جا موقعا وڌائڻ بابت پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ ۽ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو انچارج ميان احمد عليم پاشا پڻ موجود هئا. بعد ۾ ڊاڪٽر عائشه اڪرام وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پهتي، جتي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڊاڪٽر عائشه اڪرام سنڌالاجي ميوزيم جي مختلف حصن ۽ گئلرين جو دورو ڪيو ۽ اتي محفوظ تاريخي نوادرات، هٿ جي هنر جي شين، ثقافتي شين ۽ نامور شخصيتن جي استعمال هيٺ رهندڙ شين کي وڏي دلچسپي سان ڏٺو. ھيڪ جي ڊي جيء ميوزيم ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ شين کي خوبصورتي سان ترتيب ڏئي رکڻ جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ميوزيم ۾ موجود شين کي جنهن ترتيب سان رکيو ويو آهي، ان سان سنڌ جي شاندار تاريخ ۽ ثقافت جو بهترين تعارف ٿئي ٿو. ھن سنڌالاجي کي سنڌ يونيورسٽي جو هڪ اهم تعليمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي ۽ ثقافتي ادارو قرار ڏيندي چيو ته اهڙا ادارا ملڪ جو قيمتي قومي اثاثو آهن، جن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري ڊاڪٽر عائشه اڪرام کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي قديم ترين اعليٰ تعليمي ادارن مان هڪ آهي، جتي ڪيترين ئي نامور علمي ۽ ادبي شخصيتن پنهنجون تدريسي ۽ انتظامي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ھن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي جو هڪ اهم علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارو آهي، جنهن کي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ وڏي سڃاڻپ حاصل آهي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌالاجي جي ميوزيم ۽ ريسرچ لائبريري ۾ تاريخي، قديم، ادبي ۽ ثقافتي مواد جو انتهائي قيمتي ذخيرو محفوظ آهي، جنهن مان ڪجهه اهڙو مواد به موجود آهي، جيڪو ملڪ جي ٻين ادارن ۾ موجود ناهي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا سنڌالاجي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ مختلف رخن کان ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ هن اداري جي ڊائريڪٽر ۽ عملي جي محنت ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عائشه اڪرام کي سنڌ جي روايتي سوکڙين، اجرڪن ۽ لنگي سان گڏ سنڌالاجي پاران ڇپيل ڪتاب پڻ تحفي طور پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ايڇ اي سي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر دارا شڪوه، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ سنڌالاجي جا عملدار واحد پارس هيسباڻي، سلمہ شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

05/08/2026

ھيڪ اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان ملاقات، مادر علمي جي مستحق شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه: سنڌالاجي ميوزيم جو دورو

Admission 2027
05/08/2026

Admission 2027

20/06/2026

تعلیمی پروگراموں میں جی بی وی کیس مینجمنٹ کے مضمون کی شمولیت سے ایسے ماہرین کی نئی نسل تیار ہوگی جو صنفی بنیادوں پر تشدد کے مسائل کو مؤثر انداز میں حل کرنے کی صلاحیت رکھیں گی: وائس چانسلر پروفیسر ڈاکٹر فتح محمد مری (ٹی آئی) کا اظہار

20/06/2026

سنڌ يونيورسٽي ۽ گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ وچ ۾ مفاھمتي يادداشت تي صحيحون: مادر علمي جي تعليمي پروگرامن ۾ صنفي بنيادن تي تشدد جي ڪيس مئنيجمينٽ بابت نصاب باقاعده طور شامل ٿيندو

20/06/2026
SU, UNFPA launch academic initiative to combat gender-based violence*lJAMSHORO: In a landmark step towards strengthening...
20/06/2026

SU, UNFPA launch academic initiative to combat gender-based violence*l

JAMSHORO: In a landmark step towards strengthening gender-responsive education and safeguarding mechanisms in higher education, the University of Sindh (SU), Jamshoro and the United Nations Population Fund (UNFPA) signed a Memorandum of Understanding (MoU) to institutionalize a gender-based violence (GBV) case management curriculum within the university’s academic programs.

Under the agreement, UNFPA will provide technical assistance, curriculum modules, training resources, academic toolkits and expert guidance, while the University of Sindh will integrate the curriculum into its regular degree programs, promote research on GBV-related issues and facilitate field placements and internship opportunities for students. The collaboration also aims to strengthen faculty capacity through specialized training on advanced GBV case management practices and international standards.

The MoU signing ceremony was held at Sindh University's VC office, where Vice-Chancellor Professor Dr Fateh Muhammad Marri (TI) and UNFPA representative Luay Shabaneh put their signatures on the agreement. On the occasion, DIG Crimes & Investigation Sindh Aamir Farooqui, Pro-Vice Chancellor Thatta Campus Professor Dr Misbah Bibi Qureshi, Dean Faculty of Social Sciences Professor Dr Nanak Ram, Director ORIC Professor Dr Farhat Noreen, Director Institute of Gender Studies Prof Dr Ameer Ali Buriro, Controller of Examinations Muhammad Mashooque Siddiqui, Professor Dr Naseem Aslam Channa, senior faculty members, researchers and officials from both organizations.

Speaking on the occasion, Vice-Chancellor Professor Dr Fateh Muhammad Marri (TI) termed the agreement a transformative initiative for academia and society.

“This partnership reflects our commitment to producing graduates who are not only academically competent but also socially responsible and equipped to address pressing societal challenges,” he said.

He added that the inclusion of GBV case management studies in academic programs would help nurture a generation of professionals capable of responding effectively to issues of gender-based violence.

“The University of Sindh is determined to create a learning environment that promotes dignity, equality and protection for all members of society,” he remarked.

Dr Marri said that research-driven interventions were essential for understanding the root causes of gender-based violence and formulating sustainable solutions.

He noted that the collaboration with UNFPA would open new avenues for faculty development, student engagement and evidence-based research.

“The knowledge and skills imparted through this curriculum will contribute significantly to building safer and more inclusive communities,” the Vice-Chancellor said.

The UNFPA Pakistan's representative described the partnership as an important milestone in advancing gender justice and strengthening institutional responses to violence against women and vulnerable groups.

“Universities play a critical role in shaping attitudes, policies and professional practices that can prevent and address gender-based violence,” he said.

He stated that UNFPA was proud to support the University of Sindh in integrating globally recognized GBV case management frameworks into its academic structure.

“The initiative will help bridge knowledge gaps and ensure that future professionals are equipped with the skills needed to support survivors with dignity and competence,” the representative observed.

It may be noted that the collaboration would also encourage data-driven research and evidence-based advocacy on issues related to gender equality and protection.

Through collective efforts, both the organizations can strengthen institutional capacity and create a more informed, responsive and compassionate society.

اے ڈی سائنس، کامرس اور آرٹس 2025 کے امتحانی فارم جمع کرانے کی لیٹ فیس کے بغیر جمع کرانے کی آخری تاریخ 10 جون 2026 تک بڑھ...
06/06/2026

اے ڈی سائنس، کامرس اور آرٹس 2025 کے امتحانی فارم جمع کرانے کی لیٹ فیس کے بغیر جمع کرانے کی آخری تاریخ 10 جون 2026 تک بڑھا دی گئی ہے۔

Address

Hyderabad
69230

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when University of Sindh Jamshoro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share