shah Abdul Latif university

shah Abdul Latif university follow like share video full watch

14/12/2024
هن تصوير کي ڏسي، سوچڻ گهرجي ته سنڌ ۾ اها ڇوڪري، جيڪا انگلينڊ مان پڙهي، قانون جي ڊگري حاصل ڪري آئي ۽ ڪراچي جي روڊن تي ٻين...
14/10/2024

هن تصوير کي ڏسي، سوچڻ گهرجي ته سنڌ ۾ اها ڇوڪري، جيڪا انگلينڊ مان پڙهي، قانون جي ڊگري حاصل ڪري آئي ۽ ڪراچي جي روڊن تي ٻين عورتن ۽ مردن سان گڏ پرامن احتجاج ڪيو، نه ڪا فائرنگ ڪئي، نه ڪو پرتشدد احتجاج، پوءِ به ان کي روڊن تي وحشياڻي انداز ۾ گهليو پيو وڃي. ڇا هي اسان جو ضمير جھنجھورڻ لاءِ ڪافي ناهي؟ اهي پوليس آفيسر، جيڪي اڪثر ڪري سي ايس ايس آفيسر هوندا آهن، پاڪستان جا اعليٰ دماغ سمجهيا ويندا آهن، جن جي نگرانيءَ ۾ پوليس ڪم ڪندي آهي ــ جن ۾ غلام نبي ميمڻ صاحب، آئي جي، ڊي آئي جي سائوٿ، ۽ ايس ايس پي سائوٿ شامل آهن ــ انهن جي نگرانيءَ ۾ ڪراچي جي روڊن تي اهڙو ظلم ۽ بربريت ڦهلايو ويو. ڇا انهن جو ضمير خاموش آهي؟

جيڪڏهن انهن جي پنهنجي ٻارن سان ائين زيادتي ٿئي ها ته ڇا اهي برداشت ڪن ها؟ اسان هتي سياستدانن جي ڳالهه نٿا ڪريون، پر سوال اهو به آهي ته جڏهن اسان کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ قانون جي ڪهڙي حالت آهي، ته ڇا انهن ڌيئرن کي احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊن تي موڪلڻ گهرجي ها؟ ڇا سڀ مرد مري ويا آهن جو عورتن کي احتجاج ڪرڻ لاءِ آڻيو پيو وڃي؟ ڇا اها ڪوشش نه هئي ته مردن عورتن کي شيلڊ طور استعمال ڪن ته جيڪڏھن احتجاج ۾ ڪابه تشدد ٿئي، ته عورتن کي اڳيان آندو وڃي؟

ٻيو سوال اهو آهي ته انهن پڙهيل ماڻهن، جيڪي احتجاج لاءِ نڪتا هئا، انهن کي ڪهڙي ضرورت پئي جو پنهنجون ڌيئرون ۽ زالون روڊن تي آڻين؟ ڇا انهن کي آڻڻ گهرجي ها؟ هي سوال پڻ سوچڻ جهڙو آهي.

13/10/2024

This is the behavior of our state with our state singer Saif Samejo 💔

Address

Khairpur

Telephone

+3213186173

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when shah Abdul Latif university posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The University

Send a message to shah Abdul Latif university:

Share