15/06/2022
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو ۾ سي ايس ايس, پي سي ايس ۽ ٻين تقابلي امتحانن جي تياري لاء مفت ڪوچنگ سروس جي ٻين بيچ جا ڪلاس آڪٽوبر کان شروع ٿيندا.
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ جي ڪمشنر لاڙڪاڻو محترم گھنور لغاري سان ملاقات.
ڪمشنر لغاري سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻي طرفان سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن جي مفت ۾ تياري لاء ٻين بيچ جا ڪلاس شروع ڪرڻ جي ساراھ ڪئي ۽ ان ڏس ۾ ذاتي طور اعزازي ڪلاس وٺڻ سان گڏ ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري.
ڊاڪٽر اظھر شاھ ٻڌايو تـ پھرين بيچ جا ڪلاس تمام سٺي ڪاميابي سان 2020 ۾ ٿي چڪا آھن ۽ انھن اميدوارن جي جلد ري يونين پڻ ڪنداسين ۽ انھن کان فيڊبيڪ وٺنداسين. گڏو گڏ ٻين بيچ جا ڪلاس آڪٽوبر کان شروع ٿيندا ۽ ٽن مھينن اندر پورا ٿينداـ
ڊاڪٽر اظھر علي شاھ چيو تـ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري ڪرڻ سان اميدوارن کي ٻين سمورن کاتن ۾ ميرٽ تي ڪميشن پاس ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو ۽ اسانجو مقصدآھي تـ معاشي طرح پوئتي پيل نوجوان جيڪي خانگي مھانگين اڪيڊمين جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگھن انھن کي مفت ۾ رھنمائي ۽ سکيا مھيا ڪجي تـ جئين اھي پڻ ٻين سان مقابلو ڪري سگھن ۽ پنھجي خاندان ۽ تر وارن لاء سٺو مثال بڻجن.