05/10/2025
سنڌ جي شاگردن کي ڀليڪار
ھر سيمسٽر جيان فال-2025 جو سيمسٽر شروع ٿيندي ئي انھن دوستن جي سان جيڪي دوست سنڌ جي ڪنڊن ڪڙڇن ڳوٺن ۽ شھرن ٻھراڙي ۽ جھنگ جھر کان ڪيئي مشڪلاتون پار ڪري پنھنجي اعليٰ تعليم جي حاصلات لاء يونيورسٽي پھتا انھن سان تعارفي ڪچھري رکي وئي، جيڪا گڏجاڻي سنڌي سنگت جي معزز ڪابينه جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ آيل سڀني نون دوستن کي تعارف ڪرائيندي ھڪ ٻئي کي پنھنجائپ جو احساس ڏياريوسين ته جيڪي اوھان کان اڳي ھتي موجود آھن اھي دوست جيئين داخلا ڪميٽي جي صورت ۾ اوھان جي رھنمائي ۽ مدد لاء حاضر ھئا جن جي ڪوششن سان اوھان با آساني داخلا وٺي يونيورسٽي پھتا آھيو ساڳي ريت اڳتي ب اوھانجا معزز سينئرز اوھان لاء ھر دم موجود آھن اوھان ۽ اسانجو خمير ھڪ آھي ھن پرديس ۾ اسان ھر ڳالھه ۾ اوھان سان گڏ ھونداسين، اوھان کي ڪنھن قسم جي رھنمائي گھرجي يا اوھان خدانخواسته اوھان ڪنھن ب پريشاني ۾ ھجو ته اوھان جي لاء معزز سينئرز ۽ موجود ڪابينه ھر دم اوھان سان گڏ ھوندي-
تعارفي گڏجاڻي انتھائي خوبصورت ٿي گذري جنھن ۾ پيار ۽ پنھنجائپ جو احساس ڀرپور رھيو . سنڌي ھجڻ طور وچن واعده اڃا به گھڻا مضبوط ٿيا.
اميد ٿا ڪيون ته آيل دوست ھتان سٺيون ڪاميابيون ماڻيندا پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي خوابن کي ساڀيان ڪندا ۽ ان ئي ريت ايندڙ وقتن ۾ ٻين ايندڙ سنڌين جي ڀرپور مدد ۽ رھنمائي ڪرڻ لاء ھر دم ڪوشان رھندا.
ساٿيو سندرا ٻڌي ھلندا ھلو وڌندا ھلو
پاڻ ڇو بيھه وڃون جي دنيا بيھي نٿي