31/12/2025
تلھار ۾ علم، شعور ۽ فڪري گڏجاڻي.
جمعيت طلبہ اسلام تلھار پاران نوجوانن ۾ علم، شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي مقصد سان
01 جنوري تي تلھار شهر ۾ هڪ شاندار فڪري نشست منعقد ٿي رهي آهي.
هن شعوري پروگرام ۾ لاڙ خطي جون ناليواريون علمي، ادبي ۽ فڪري شخصيتون، شاگردن جون تقريرون ۽ ٻيون سرگرميون پڻ شامل آهن.
🗓 تاريخ: 01 جنوري (خميس)
⏰ ٽائيم: شام 5:00 وڳي
📍 هنڌ: مغل شادي هال، تلھار
(نزد بواني شگر مل ڪالوني)
ايجوڪيشنل سوسائٽي تلھار فخر سان هن شاندار علمي ۽ فڪري نشست پروگرام جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. هي رڳو هڪ تقريب ناهي، پر تلھار جي نوجوانن لاءِ علم، شعور، فڪر ۽ تخليق جا نوان در کولڻ جي هڪ خوبصورت شروعات آهي.
اچو ته سڀ گڏجي اڳتي وڌون، سوچ کي نواڻ ڏيون، شعور کي سگهارو بڻايون ۽ تلھار جي نوجوانن کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي هلون.