جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام

جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام, College & University, Boys hostel, Tando Jam.

جساف (بھتر تعليم - بهتر سياست) تي اعتماد ڪندي تعليمي ادارن جي اندر شاگردن جي وارثي ۽ مالڪيءَ ڪرڻ سان گڏ سنڌوديش جي مڪمل قومي آزاديءَ تي يقين رکي جدوجهد ڪري ٿي.!!

جساف (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن)

پريس پڌرائي - 12 ڊسمبر 2025عسنڌوديش مقدر آ  -  سائين جي ايم سيد رھبر آ بهتر سياست   -   بهتر تعليم جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊ...
12/12/2025

پريس پڌرائي - 12 ڊسمبر 2025ع

سنڌوديش مقدر آ - سائين جي ايم سيد رھبر آ

بهتر سياست - بهتر تعليم

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن - ضلعي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو ضلعي جنرل ڪائونسل اجلاس بتاريخ 11 ڊسمبر 2025ع بروز خميس تي جساف اليڪشن ڪميٽي جي ميمبر اجمل سنڌي جي صدارت ۾ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ تنظيمي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي هيٺين پنج رُڪني آرگنائيزنگ باڊي ڇهن مهينن لاءِ چونڊي وئي.

چيف آرگنائيزر - سچل سنڌي
ڊپٽي چيف آرگنائيزر - ٻيجل سنڌي
آرگنائيزر - زين ٽاٽڙي
آرگنائيزر - علي حيدر تنيو
آرگنائيزر - ھمت علي شنباڻي

چونڊجي آيل ضلعي قيادت کي اليڪشن ڪميٽي جي ميمبر اجمل سنڌي تنظيمي قسم نامو کڻايو.

جاري ڪندڙ :
مرڪزي اليڪشن ڪميٽي
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن - جساف جسقم



10/12/2025

جساف سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي پيغامِ سنڌ جي پروگرام جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي.

پريس پڌرائي08-12-2025سنڌو ديش مقدر آسائين جي ايم سيد رهبر آپيغامِ سنڌ در اصل پيغامِ سنڌوديش آهي. سنڌ ھزارن سالن کان پنهن...
08/12/2025

پريس پڌرائي
08-12-2025

سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رهبر آ

پيغامِ سنڌ در اصل پيغامِ سنڌوديش آهي. سنڌ ھزارن سالن کان پنهنجي تهذيب، ٻوليءَ ۽ تاريخ رکندڙ ملڪ رهيو آهي. پر ان سان گڏ هي سنڌ ملڪ مسلسل ڌارين جي يلغارن ۽ حملن جو نشانو به رهيو آهي.
پوءِ اهي ڪڏهن عربن جي صورت ۾ هجن، ترخانن ۽ عرغونن جي صورت ۾ هجن يا برطانيا سامراج يا پنجاب سامراج جي صورت ۾ هجن.

موجوده وقت ۾ سنڌ مڪملي طور تي پنجاب سامراج جي ڪالوني بڻيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي تهذيب، تمدن ٻوليءَ کي تہ خطرو آهي پر ان سان مسلسل سنڌ جي وسيلن تي لٽ مار ٿئي ٿي، سنڌ جي درياھ ۽ بندرگاهه تي بہ پنجاب سامراج قبضو ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي.

جساف سمجهي ٿي سنڌ جي بقا سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ ئي آهي جنهن دنيا کي آفاقي پيغام ڏنو " امن عالم، اتحاد انسانيءَ ۽ ترقي بني آدم" جساف سمجهي ٿي پيغامِ سنڌ جهڙا سياسي ميڙاڪا سنڌ جي نوجوانن شاگردن ۽ هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ کي سجاڳي طور ڪم ايندا.

پيغامِ سنڌ جي شروعات سنڌوديش جي قومي تراني سان ڪئي وئي، ۽ پروگرام ۾ آيل سڀني تنظيمن جي ساٿين ۽ مھمانن کي ڊپٽي چيف آرگنائيزر آجياڻو ڏنو، بعد ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏ جساف جسقم آريسر جي اڳواڻن موقف رکيا. جنهن ۾ جسقم ترجمان سرمد خشڪ، جساف آريسر مرڪزي اڳواڻ سرائي ڪُميل ٿلهو ۽ جساف حيدرآباد ڊي او علي رضا بروهي شاگردن سان مخاطب ٿيا.

آخر ۾ راڳي حامد علي راڄپر موسيقي جو مرحلو شروع ڪيو جنهن ۾ شاگردن جهومي رقص ڪيو.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف آريسر) سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ

06/12/2025
پاٻوهِيو پُڇَن، ڪِٿي هَٿُ حبِيبَ جو؟نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنَ،عاشق اَجَلَ سامُهان، اَوچي ڳاٽ اَچنِّ،ڪُسَڻ...
05/12/2025

پاٻوهِيو پُڇَن، ڪِٿي هَٿُ حبِيبَ جو؟
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنَ،
عاشق اَجَلَ سامُهان، اَوچي ڳاٽ اَچنِّ،
ڪُسَڻُ قُربُ جَنّ، مَرَڻُ تَن مُشاهِدو.

لطيف

پيغامِ سنڌ (مچ ڪچهري ۽ سياسي ميڙاڪو) ۾ سڀاڻي سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي شعور سان مخاطب ٿيڻ لاءِ اسان سان گڏ هوندا.

تاريخ ۽ ڏينهن :- 06 ڊسمبر، ڇنڇر
وقت :- شام 6
هنڌ :- جي ايم سيد هاسٽل گرائونڊ

04/12/2025

پريس پڌرائي!!
04-12-2025

سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ اڄ آزاديءَ پسند ۽ ترقيءَ پسند شاگرد تنظيمن جي طرفان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو.
ثقافتي ڏهاڙي جي ريلي ٻن اهم نقصن جي بنياد تي هئي.

1:- سنڌ جي زمينن تي فوجي والار نامنظور
2:- سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ وڌندڙ غير قانوني فيسن ۾ واڌارو نامنظور

جنهن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي هر باشعور، باغيور شاگرد پنهنجي عظيم تهذيب، ڪلچر کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ سياسي شاگرد تنظيمن جي سڏ تي زرعي يونيورسٽيءَ جي روڊن تي نڪري آيو.

ثقافت عظيم تهذيبن جو تاريخي ورثو هوندي آهي. دنيا جي گولي تي اهي قومون ئي زندھ آهن، جن پنهنجي ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ کي ڪڏهن بہ ڌارين جي يلغار يا قبضي هيٺ مسمار ٿيڻ ڪنهن بہ صورت ۾ نہ ڏنو.

سنڌ دنيا ۾ اهو خطو آهي جنهن جي کُک مان ڪيترن ئي تهذيبن، مذهبن، ٻولين جنم ورتو. سنڌ جي اها تهذيب جنهن ماڻهن کي ماڻهپو سيکاريو، جنهن دنيا کي نوان آدرش ڏنا ۽ امن، سُک سلامتيءَ جا هميشہ پيغام ڏنا.

1843ع ۾ برطانيا سامراج جي قبضي هيٺ آيل سنڌ مسلسل غلامي سبب ڀوڳي رهي آهي، ان عالمي سامراج جي پيٽ مان نڪتل پنجابي سامراج اڄ سنڌ کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي مستقل طور ڪالوني بڻائي ويٺو آهي. انگريزن کان پوءِ پنجابين جي طويل غلامي ۾ اڄ سنڌ جو نہ ڪلچر محفوظ آهي، نہ ٻوليءَ محفوظ آهي، نہ تاريخ محفوظ آهي، نہ ڊنڍون درياهه محفوظ آهن، نہ سمنڊ محفوظ آهي ۽ نہ سنڌ جي زمين محفوظ آهي.

پنجاب سامراج سنڌ کي وڌيڪ غلام رکڻ لاءِ هر روز سنڌ اندر نوان مسئلا پيدا ڪري سنڌي قوم کي حقيقيءَ قومي اشوز تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سازش ڪري رهيو آهي.

جساف سمجهي ٿي تہ اگر سنڌي قوم کي پنهنجي تهذيب، تاريخ، ڪلچر، ٻوليءَ ۽ زمين کي بچائڻو آهي تہ سنڌي قوم کي سنڌ جي آزاديءَ پسند قومي لشڪر سان گڏ ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ سڀني مسئلن جو حل سنڌوديش جي قومي آزاديءَ ۾ آهي.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف آريسر) سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ

پريس رليز2 ڊسمبر 2025جيئي سنڌوديشجيئي سائين جي ايم سيدجيئن تہ هن سال جساف آريسر سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي پاران آخري سال ج...
02/12/2025

پريس رليز
2 ڊسمبر 2025

جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي ايم سيد

جيئن تہ هن سال جساف آريسر سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي پاران آخري سال جي شاگردن جي مانَ ۾ پيغامِ سنڌ عنوان هيٺ( مچ ڪچهري ۽ سياسي ميڙاڪو) ڪوٺائي رهيا آهيون.
جساف سمجهي ٿي تہ اهڙا ميڙاڪا غلام قومن ۾ سياسي سجاڳيءَ طور آڪسيجن ثابت ٿيندا آهن.

اسان هن پروگرام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي سڀني باشعور، باغيور شاگردن کي اپيل ٿا ڪيون تہ اسان سان( مچ ڪچهري ۽ سياسي ميڙاڪي) ۾ شريڪ ٿي سنڌي ٻڌي هجڻ جو ثبوت ڏيندا.

تاريخ :- 6 ڊسمبر
وقت :- 6 وڳي شام
هنڌ :- جي ايم سيد هاسٽل گرائونڊ

جساف سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام

Address

Boys Hostel
Tando Jam
4242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share