21/11/2025
سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي پاران ميٽرڪ پاس (سائنس بايولاجي) گھٽ ۾ گھٽ %45 مارڪون کڻندڙ شاگردن لاء ھيلٿ سان لاڳاپيل مختلف سرٽيفڪيٽ ڪورسز ۾ داخلا جو اعلان , جنهن ۾ ڊسپينسر, ليبارٽري ٽيڪنيشن,ايڪسري ٽيڪنيشن, الٽراسائونڊ ٽيڪنيشن, او ٽي ٽيڪنيشن, اِي سي جي ٽيڪنيشن,ڊائيلاسز ٽيڪنيشن, فزيوٿراپي ٽيڪنيشن, آئي سي يو ٽيڪنيشن, ڊينٽل سرجري اسسٽنٽ ٽيڪنيشن, ويڪسينيٽر سميت مختلف شعبن ۾ داخلا جو اعلان ڪيو ويو آھي, داخلا لاء عمر جي حد 33 سال مقرر ڪئي وئي آھي. داخلا فارم 21-11-2025 کان پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر ٽنڊو محمد خان مان وٺي سگھجن ٿا. داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27-11-2025 آھي.
پاران. ڊاڪٽر شھلا گل شاھ
ميڊيڪل سپرييڊينٽ ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ٽنڊو محمد خان